تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

کهڙا شهر ۾ خانگي اسڪول مالڪ جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

کھڙا (ن پ ا ) کهڙا شهر جو پورهيت رڪشا ڊرائيور عبدالڪريم اڄڻ نجي اسڪول جي مالڪ جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرو ڪندڙ پورهيت رڪشا ڊرائيور عبدالڪريم اڄڻ دانهيو ته منهنجو پٽ ڪاشف علي اڄڻ خانگي اسڪول ۾ اٺين ڪلاس پڙهندو آهي، ڪورونا وائرس سبب 8 مهينا اسڪول بند هئا پرنسپل 8 مهينن جي 16000 هزار في وصول ڪري رهيو آهي آئون پرنسپال کي 6 هزار رپيا في ڏني آهي وڌيڪ 9900 هزار رپيا في گهري رهيو آهي هن چيو ته مان پورهيو ڪري ٻچڙن جو پيٽ پاليندو آھيان في ڏئي نه ٿو سگهان هن تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ڪورونا وائرس دوران 8 مهينا بند پيل اسڪول جي في وصول ڪندڙ اسڪول جي مالڪ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.