تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

کنڊ ڪميشن پاران جاچ رپورٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 4 ڏينهن ملهت طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) کنڊ ۽ اٽي اسڪينڊل جي جاچ ڪميشن پاران هڪ ڀيرو ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چئن ڏينهن جيمهلت ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي، ڪميشن کي وڌيڪ چار ڏينهن جي مهلت ڏيڻ واري درخواست تي اڄ اڱاري ڏينهن ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ غور ٿيڻ جو امڪان. تفصيل موجب ايف آءِ اي سربراهه واجد ضياءَ جي سربراهي ۾ کنڊ ۽ اٽي اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن کي 25 اپريل تي فارنزڪ آڊٽ رپورٽ پيش ڪرڻي هئي پر ڪميشن پاران وفاقي ڪابينا کي 3 هفتا مهلت ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا درخواست وفاقي ڪابينا پاران منظور ڪئي وئي هئي، جنهن بعد ڪميشن کي 16 مئي تي وزيراعظم کي فارنزڪ آڊٽ رپورٽ پيش ڪرڻي هئي پر ذريعن مطابق ڪميشن جي سربراهه هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم کي وڌيڪ 4 ڏينهن جي مهلت ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته ڪميشن فارنزڪ آڊٽ جو ڪم مڪمل ڪيو آهي، هاڻي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ 4 ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي، ذريعن مطابق ڪميشن جي اهڙي درخواست تي اڄ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ غور ٿيندو، ڪميشن کي چار ڏينهن جي مهلت ملي ته اهڙي مهلت بعد عيد جون سرڪاري موڪلون شروع ٿي وينديون، جيڪي 6 ڏينهن تائين هونديون ان ڪري جاچ رپورٽ عيد کانپوءِ سامهون اچڻ جو امڪان پيدا ٿي ويندو.

Bookmark the permalink.