تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

کنڊ ڪميشن رپورٽ تي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم برقرار: ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڊ جاچ ڪميشن جي رپورٽ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت پاران جاري ڪيل وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي کنڊ جاچ ڪميشن جي رپورٽ تي عملدرآمد کان روڪڻ جو حڪم برقرار. ڪالهه جسٽس عمر سيال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ کنڊ انڪوائري ڪميشن رپورٽ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي چيو ته کنڊ جاچ ڪميشن بابت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪندي ريمارڪس ۾ چيو ته درخواستگذار شگر ملز خلاف ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪنهن قسم جي به ڪارروائي نه ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.