تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

کنڊ اسڪينڊل ۾ 29 ارب جي ڪرپشن: جهانگير ترين، شهباز شريف، مونس الاهي، خسرو بختيار جو ڀاءُ ۽ اومني گروپ ملوث قرار

حڪومت پاران ڪابينا جي منظوري بعد کنڊ اسڪينڊل بابت فارنزڪ آڊٽ رپورٽ پڌري

پنج سالن دوران کنڊ ايڪسپورٽ تي 29 ارب سبسڊي ڏني وئي، نواز دور 15-2014ع ۾ 0.65 ملين ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ٿي

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) کنڊ اسڪينڊل ۾ 29 ارب جي ڪرپشن، 9 شگر ملون، جهانگير ترين، مونس الاهي، اومني گروپ ۽ خسرو بختيار جو ڀاءُ عمر شهريار ملوث قرار، فوجداري ڪيس ۽ رقم واپس ڪرائڻ جي سفارش، حڪومت ڪميشن جي فارنزڪ رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي، شهزاد اڪبر چيو آهي ته سنڌ حڪومت سبسڊي اومني گروپ کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڏني، شريف ڪٽنب جون ملون به بي ضابطگين ۾ ملوث نڪتيون آهن، خسرو بختيار سڌي ريت ملوث ناهي، مل هن جي ڀاءُ جي آهي. کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ڪميشن فارنزڪ آڊٽ رپورٽ وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪري ڇڏي، ڪابينا جي منظوري بعد کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ عوام لاءِ حڪومت جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ تحت 9 شگر ملز، پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين، حڪومتي اتحادي پارٽي ق ليگ جي ايم اين اي مونس الاهي، اومني گروپ ۽ وفاقي وزير خسرو بختار جي ڀاءُ عمر شهريار کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جي سربراهه ۽ جي ڊي ايف آءِ اي واجد ضياءَ کنڊ اسڪينڊل بابت فارنزڪ آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز، خصوصي معاون شهباز گل سان گڏ کنڊ اسڪينڊل بابت ڪميشن جي رپورٽ تي ڳالهائيندي وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ڊسمبر 2018ع کانپوءِ کنڊ جي في ڪلو جي قيمت ۾ انتهائي تيزي سان اضافو ٿيو، جيڪو آگسٽ تائين جاري رهيو، ڊسمبر 2018ع ۾ في ڪلو کنڊ جي ايڪس مل قيمت 51 رپيا 60 پئسا هئي، جنهن ۾ 33 سيڪڙو اضافو يعني في ڪلو تي آگسٽ 2019ع تائين 17 رپيا اضافو ٿيو، جنهن سان کنڊ جو في ڪلو 68 رپيا 60 پئسا ٿي ويو، ان کانپوءِ به کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو رهيو، ان کنڊ بحران بابت کنڊ ڪميشن فارنزڪ آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي آهي، جيڪا وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ کنڊ ڪميشن جي سربراهه واجد ضياءَ پيش ڪئي، جنهن تي وفاقي ڪابينا تفصيلي غور ڪيو، وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته کنڊ ڪميشن جي رپورٽ کي عوام لاءِ جاري ڪيو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 22 سالن کان چوندو رهي ٿو ته ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو سياست ۾ اچي به ڪاروبار ئي ڪندا، کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ وزيراعظم عمران خان جي ان ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي، هن چيو ته کنڊ ڪميشن جي رپورٽ ۾ حيران ڪن انڪشاف ڪيا ويا آهن، هن چيو ته کنڊ ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن سال ملڪ ۾ ڪمند جي مجموعي پيداوار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1 سيڪڙو وڌيڪ ٿي، سال 2019-2020ع ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي مجموعي پيداوار 48 لک 10 هزار ميٽرڪ ٽن ٿي جيڪا گذريل سال 2018-2019ع جي پيداوار جي مقابلي ۾ 8.5 سيڪڙو گهٽ آهي، حيرانگي جي ڳالهه اها آهي ته هن سال ملڪ ۾ ڪمند جي پيداوار ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1 سيڪڙو وڌيڪ ٿي پر ملڪ جي 88 شگر ملن ۾ کنڊ جي پيداوار گذريل سال کان گهٽ ٿي، هن چيو ته رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪمند جي ٿيل ڪُل پيداوار مان 29 سيڪڙو پيداوار کي ڪريشنگ ۾ شگر ملن پاران شمار نه ڪيو ويو ۽ هلندڙ سال دوران کنڊ جي 17 لک ميٽرڪ ٽن پيداوار کي ڳجهو رکيو ويو، گذريل سال جي کنڊ جي بچيل ذخيرن 0.5 ملين ميٽرڪ ٽن ۽ هلندڙ سال جي پيداوار کي شامل ڪجي ته ملڪ ۾ کنڊ جا ذخيره 70 لک ٽن کان وڌي وڃن ٿا، جيڪي ملڪ ۾ کنڊ جي گهرج کان ذخيره وڌيڪ آهن، کنڊ ڪميشن جي فارنزڪ آڊٽ ۾ اهو سنگين انڪشاف ڪيو ويو آهي ته شگر ملن ڪيترن ئي سالن کان آبادگارن کي تسلسل سان لٽيو، آبادگارن کي ڪڻڪ جي في مڻ جي مقرر ڪيل امدادي قيمت 180 رپيا بدران صرف 140 رپيا في مڻ تي ڪمند خريد ڪيو، آبادگارن سان ڪمند جي تور تي 15 سيڪڙو کان 30 سيڪڙو ملون ڪٽوتي به ڪنديون رهيون، سمورين ملن هارين کي ڪچي پرچي تي ادائگيون ڪيون، ڪمند خريد ڪرڻ ۾ ڪميشن ايجنڊن کي استعمال ڪيو ويو جنهن سان هارين کي نقصان ٿيو، ڪين ڪمشنر کان وڌيڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن تائين سڄو نظام آبادگارن کي جائز پئسا ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو، انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته تمام شگر ملن آبادگارن کان جنهن اگهه تي في مڻ ڪمند خريد ڪيو، کنڊ جي لاڳت وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ سرڪاري اگهه کان به وڌيڪ اگهه تي ڪمند جي خريداري ڏيکاري وئي، رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هارين کي خريد ڪيل ڪمند جي ادائگي ان آفيشل سسٽم ذريعي ڪئي وڃي ٿي، جنهن ذريعي منافع تان 35 سيڪڙو رقم به ملون وصول ڪن ٿيون، هن چيو ته رپورٽ ۾ شگر ملون عوام کي ڪيئن لٽي رهيون آهن بابت اهم انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شگر ملن پاران سال 2017-2018ع ۾ في ڪلو کنڊ جي لاڳت 51 رپيا ڪئي پر حقيقت ۾ کنڊ جي في ڪلو جي لاڳت 51 رپيا نه پر 38 رپيا ٿئي ٿي، اهڙي حساب سان في ڪلو کنڊ تي ان سان 13 رپيا اضافي لاڳت ڏيکاري وئي، سال 2018-2019ع ۾ شگر ملن في ڪلو کنڊ جي لاڳت 52 رپيا 60 پئسا ڏيکاري، جڏهن ته ان سال کنڊ جي في ڪلو جي لاڳت 40 رپيا 60 پئسا ٿئي ٿي، اهڙي ريت سال 2019-2020ع دوران مل مالڪن في ڪلو کنڊ جي لاڳت 62 رپيا ڏيکاري پر ڪميشن پاران لڳايل ڪاٿي مطابق في ڪلو کنڊ جي لاڳت 46 رپيا 40 پئسا ٿئي ٿي، هن چيو ته رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪمند گهٽ اگهه تي خريد ڪري لاڳت وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ ڪمند جي خريداري وڌيڪ اگهه تي ڏيکاري وڃي ٿي ۽ کنڊ ٺهڻ ۾ بغاس سميت ٻن شين جي آمدني کي گهٽ ظاهر ڪيو وڃي، ڪمند مان کنڊ جي پيداواري جو ريشو جيڪو شگر ملن ڏيکاريو آهي ان کي ڪميشن رد ڪيو آهي، شگر ملون لاڳت وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ انتظامي خرچ جي پيداواري لاڳت ۾ شامل ڪرڻ کان علاوه انڪم ٽيڪس به شامل ڪن ٿيون، هن چيو ته مارڪيٽ ۾ ملي ڀڳت ذريعي کنڊ جون قيمتون وڌايون وڃن ٿيون، ڪميشن رپورٽ ۾ چيو آهي ته مارڪيٽ ۾ شگر ملن جي ملي ڀڳت کانسواءِ قيمتون وڌائڻ ممڪن ناهي، کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ بابت ٿيندڙ سٽي بازي ۽ جُئا ۾ ملون ملوث آهن، قيمتون وڌائڻ جي حوالي سان سٽي بازي جي ڪوڙي ريڪيٽ کي ڪميشن رپورٽ ۾ نروار ڪيو آهي، هن چيو ته شگر ملون ڪُل پيدا ٿيندڙ کنڊ مان 25 کان 30 سيڪڙو کنڊ ظاهر نٿيون ڪن، ڪُل پيداوار مان 17 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ ظاهر نٿي ٿئي، جنهن تي ٽيڪس به ادا نه ڪيو وڃي ٿو، ملن جا 2 کاتا ٺاهيا وڃن ٿا، هڪ سرڪار لاءِ ۽ هڪ مالڪ لاءِ ڌار کاتو ٺاهيو وڃي، انڪوائري رپورٽ ۾ کنڊ جي بي نامي خريداري ٿيڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، ڪنهن به وڏي بروڪر جي نالي سان کنڊ وڪرو ڪرڻ جو ڪو رڪارڊ سامهون نه آيو، بي ناميدارن جي نالي تي کنڊ وڪرو ڪرڻ بي نامي ايڪٽ جي خلاف ورزي آهي، تمام ملن پاران پيداواري لاڳت وڌائي ڏيکاري وئي آهي اهو به قانون جي خلاف آهي، ڊسمبر 2018ع کان آگسٽ 2019ع تي کنڊ جي قيمت تي 17 کان 19 رپيا في ڪلو تي سٽي جي ڪاروبار سبب بحران پيدا ٿيو، ڊسمبر 2018ع کان آگسٽ 2019ع تائين ملڪ ۾ کنڊ جي ڪُل وڪرو جو ڪاٿو 45 لک ميٽرڪ ٽن لڳايو وڃي ته شگر مل مالڪن، کنڊ جي دلالن ۽ سٽي بازن کي ناجائز منافع خوري طور لڳ ڀڳ 75 ارب روپين جو فائدو ٿيو، اگر کنڊ جي في ڪلو قيمت ملن واري لاڳت لڳائجي ته منافعي خوري 100 ارب تائين پهچي وڃي ٿي، هن چيو ته شگر ملن جي ناجائز منافع کي کاتن ۾ ظاهر نه ڪرڻ ۽ ڪاري ڌن کي سفيد ڪرڻ لاءِ به ٽي ٽيون موڪلرايون وڃن ٿيون، هن چيو ته رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته شگر مل مالڪن منظور ٿيل کنڊ پيداوار جي اهليت کان بنا منظوري جي 8 هزار کان 65 هزار ميٽرڪ ٽن واڌو کنڊ پيدا ڪرڻ جي اهليت ۾ واڌ ڪئي آهي، ان جو مطلب ته هڪ مل جي نالي تي ڪيتريون ئي ملون لڳائڻ آهن جي عمل کي ڪوئي ريگيوليٽ به نٿو ڪري، هن ٻڌايو ته گذريل پنجن سالن دوران کنڊ جي ايڪسپورٽ تي 29 ارب روپين جي سبسڊي ڏني وئي، 2014-2015ع ۾ 0.65 ملين ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ في ڪلو تي 10 روپين جي حساب سان 6.5 ارب جي سبسڊي ملن کي ملي، هلندڙ سال عالمي منڊي ۾ کنڊ جي قيمت 396 ڊالر في ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ 444 ڊالر في ميٽرڪ ٽن تي پهتي پر ان باوجود سبسڊي جي رقم ۾ ڪا گهٽتائي نه ٿي، سال 2015-2016 ۾ في ڪلو تي 13 رپيا سبسڊي ڏني وئي جنهن جي مد ۾ ساڍا 6 ارب رپيا قومي خزاني مان سبسڊي ملي، سال 2016-2017ع ۾ 11 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي به اجازت ڏني وئي، ان وقت عالمي منڊي ۾ کنڊ جون قيمتون وڌيڪ هيون، ان وقت سبسڊي ڏيڻ جو ڪو جواز نه بڻجي سگهيو، سال 2017-2018ع ۾ في ڪلو تي 10 رپيا 70 پئسا سبسڊي ڏني وئي ان مد ۾ قومي خزاني مان 15 ارب رپيا ڏنا ويا، ان سال سنڌ جي صوبائي حڪومت في ڪلو کنڊ تي 9 رپيا 70 پئسا اضافي سبسڊي طور سنڌ جي شگر ملن کي ڏنا جنهن مد ۾ حڪومت 4 ارب 10 ڪروڙ رپيا سنڌ بينڪ جي معارفت شگر ملن کي ڏنا، ڪميشن جي رپورٽ ۾ اهو واضح طور تي چيو ويو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير اهڙي اضافي سبسڊي اومني گروپ جي شگر ملن کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڏني، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي وفاقي حڪومت پاران سبسڊي ڏيڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت پاران اضافي سبسڊي ڏيڻ جو ڪو جواز نه هو، سنڌ حڪومت سبسڊي جي حاصلات لاءِ پهريان اچو ۽ حاصل ڪيو جي اصول تي به ترڪ ڪندي 20 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ جي حساب سان في شگر مل کي صوبائي بجيٽ مان سبسڊي جو حصو مقرر ڪيو، ان مان اومني گروپ جي ملن جي تعداد 8 آهي، جن کي سڀ کان وڌيڪ سبسڊي جي رقم ملي، سال 2018-2019ع ۾ 11 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، وفاقي حڪومت ان تي ڪا سبسڊي نه ڏني پر پنجاب حڪومت پاران في ڪلو تي 5 رپيا 20 پئسا جي حساب سان 3 ارب رپين جي شگر ملن کي سبسڊي ڏني، مئي 2019ع تائين پنجاب حڪومت 2.4 ارب جي سبسڊي تقسيم ڪئي، جنهن کانپوءِ اهو سلسلو بند ڪيو ويو، صوبائي حڪومت آزاداڻي طور تي في ڪلو جي پيدواري لاڳت جو ڪاٿو نه لڳايو، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته کنڊ ايڊوائزري بورڊ ۽ اي سي سي جهڙا اهم ادارا شگر ملن جي وڏن گروپن ۽ ان جي نمائندا تنظيم شگر مل ايسوسيئيشن جي هٿن ۾ مهري طور استعمال ٿيندا رهيا، وفاقي حڪومت جي فراهم ڪيل سبسڊي مان فائدو حاصل ڪندڙ ۾ آر واءِ ڪي گروپ 3.94 ارب، جمال الدين والي گروپ 3.05 ارب، هنزه گروپ 2.87 ارب، فاطمه گروپ 2.3 ارب، شريف گروپ جي ملن 1.47 ارب، المعيز گروپ جي ملن 1.45 ارب ۽ اومني گروپ جي شگر ملن 0.9 ارب جي سبسڊي حاصل ڪئي، ان سبسڊي ۾ صوبائي سبسڊي جو حصو الڳ آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته کنڊ ايڊوائزري بورڊ، سي سي پي او (ڪمپيٽيشن ڪميشن پاڪستان) جهڙا ادارا کنڊ جي مصنوعي بحران جيڪو ڊسمبر 2018 کان آگسٽ 2019ع تائين جاري رهيو دوران خاموش تماشائي بڻيل رهيا، کنڊ ايڊوائزري بورڊ قيمتون وڌڻ باوجود کنڊ جي ايڪسپورٽ معطل نه ڪئي، ڪمپيٽيشن ڪميشن کنڊ جي مصنوعي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ وسيع اختيار هجڻ باوجود ڪو عملي قدم نه کنيو، ايس اي سي پي سال 2017ع بعد کنڊ جي في ڪلو پيداواري لاڳت جي هر شگر مل لاءِ چارٽر اڪائونٽنٽ کان آڊٽ ڪرائڻ لاءِ لازمي شرط قرار ڏنو پر وسيع اختيار هجڻ باوجود شگر ملن خلاف ڪا به فراڊ جي مد ۾ ڪارروائي نه ٿي، ايف بي آر نه رڳو کنڊ جي اصل پيداوار جي سڌي ريت نگراني ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو پر سيل ٽيڪس ايڪٽ تحت لازمي سڃاڻپ ڪارڊ جي شق ۽ بي نامي ڪاروبار تي پابندي جي حوالي سان وسيع اختيار هجڻ باوجود ان عمل کي روڪي نه سگهيو، ايف بي آر جو انسپيڪٽر کنڊ جي سيزن دوران هر مل تي مقرر هوندو آهي. ڪميشن اها به سفارش ڪئي آهي ته نيب کان درخواست ڪئي وڃي ته نيب پبلڪ آفيس هولڊر يا ان جي ويجهن عزيزن ۽ دوستن جي شگر ملن جي هنن مامرن جي جاچ ڪن ۽ نيب آرڊيننس تحت سبسڊي ۽ ڦرلٽ جي جاچ ڪئي وڃي، ڪميشن جي رپورٽ ۾ ان حوالي سان نظام کي فعال بڻائڻ ۽ ناجائز منافع خوري ڪندڙن خلاف فوجداري ڪيس ڪرڻ ۽ بچايل ٽيڪس جي مد ۾ وصوليون ڪرڻ جي به سفارش ڪئي آهي، وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو ته ڪهڙين ملن خلاف ڪهڙو ڪيس داخل ٿيندو ان بابت سفارشون عيد کانپوءِ ڪابينا کي پيش ڪنداسين، جڏهن ته انهن خلاف ڪارروائي ايف بي آر کان ڪرائي وڃي يا نيب کان اهو فيصلو به عيد بعد ڪيو ويندو، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جي دور ۾ 2.4 ارب جي سبسڊي ڏني وئي آهي باقي 26 کان 27 ارب روپين جي سبسڊي گذريل دورن ۾ ڏني وئي آهي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته وفاقي وزير خسرو بختيار جي ڪا به شگر مل نه آهي ان جي ڀاءُ جي شگر مل آهي.

Bookmark the permalink.