تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

کنڊ اسڪينڊل ڪميشن طرفان حتمي رپورٽ وزيراعظم کي پيش، ڪيترين ئي اهم شخصيتن خلاف ڪارروائي جي سفارش

ڪميشن جي سربراهه واجد ضياءَ وزيراعظم سيڪريٽريٽ وڃي رپورٽ جمع ڪرائي

کنڊ ڪميشن جي حتمي رپورٽ ۾ شگر ملز مالڪن تي ٽيڪس چوري جو الزام

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) کنڊ اسڪينڊل ڪميشن پنهنجي حتمي رپورٽ وزيراعظم عمران خان آڏو پيش ڪري ڇڏي آهي، ڪميشن جي سربراهه واجد ضياءَ وزيراعظم سيڪريٽريٽ وڃي رپورٽ جمع ڪرائي، کنڊ ڪميشن جي حتمي رپورٽ ۾ شگر ملز مالڪن تي ٽيڪس چوري جو الزام لڳايو ويو، ڪيترن ئي اهم شخصيتن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي، ذريعن موجب، 2 سئو صفحن تي ٻڌل رپورٽ سان گڏ شگر ملز مالڪن جا بيان به شامل ڪيا ويا آهن، رپورٽ تي ويچارڻ لاءِ وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس به اڄ طلب ڪري ورتو.

Bookmark the permalink.