تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

کدڙي فقير پاران دوستي نه رکڻ تان نشي ۾ ڌت نوجوان جي کدڙن فقيرن جي گهرن تي فائرنگ، پاڻ کي ايم پي اي جو سئوٽ سڏائي ڌمڪيون ڏيندو رهيو

چوڪي تان پهتل اهلڪار تي به جوابدار جو تشدد، پوليس نفري پهچي کيس گرفتار ڪري ورتو

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ کدڙي فقير پاران دوستي نه رکڻ تان پاڻ کي ايم پي اي جو سئوٽ سڏائيندڙ نوجوان جي نشي ۾ ڌت ٿي کدڙن فقيرن جي گهرن تي فائرنگ، پوليس اهلڪار تي تشدد، پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. مٽ بازار ۾ نشي ۾ ڌت نوجوان وقار ابڙو ڊبل بيرل بندوق سان کدڙن فقيرن جي گھرن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ کدڙن فقيرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. نشي ۾ ڌت نوجوان ھڪ ھٿ ۾ ڊبل بيرل بندوق ۽ ٻي ھٿ ۾ ڪارتوسن جو ٿيلھو کنيو بيٺو ھو ۽ پاڻ کي ايم پي اي جو سؤٽ سڏائي کدڙن کي گاريون ڏيندو رهيو. اھڙي منظر بعد وڏي انگ ۾ ماڻھو گڏ ٿي ويا. فائرنگ جي آواز تي ڀرسان قائم ٿيل ٽاور چوڪي جي پوليس اھلڪار جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن کيس به تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڌمڪيون ڏيندو رهيو ته “پري ٿي مان ايم پي اي جو سئوٽ آھيان، توهان کي نوڪري تان معطل ڪرائي ڇڏيندس”. ڪجهه دير بعد پوليس جي نفري پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ميڊيڪل چيڪ اپ بعد کيس لاڪ اپ ڪري مٿس غيرقانوني طور هٿيار رکڻ ۽ هنگامو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ان حوالي سان بالي کدڙي فقير ٻڌايو ته نشي ۾ ڌت جوابدار ناجائز تعلقات رکڻ لاءِ ھيسائيندو رھيو آھي، اڳ به ان اسان جي مٿان فائرنگ ڪئي ھئي پر اطلاع باوجود پوليس بااثر جوابدار خلاف ڪارروائي نه ڪئي هئي. پوليس ٻڌايو ته جوابدار پاڻ کي ايم پي اي جو سوٽ سڏائي فائرنگ ڪئي آهي، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد منشيات ايڪٽ تحت ٻي ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.