تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

کاهي شاخ کي چوٿون ڀيرو گهارو، پاڻي پٿورو شهر ۾ داخل، ڪيترائي پاڙا ٻڏڻ جو خطرو

پٿورو( ن پ ا ) برساتن بعد کپري تعلقي جي بااثر آبادگارن پاران روڪيل پاڻي ڪڍڻ لاءِ ايريگيشن عملدارن پاران ٻيهر مشينون لڳائي کپرو ڪئنال مان نڪرندڙ کاهي شاخ ۾ هڻي ڇڏيو، کاهي شاخ ۾ آيل پاڻي شاخ ۾ اوور ٽاپ ٿي ڪپرن کان مٿان هلڻ لڳو، آبادگارن پاران ڪوششون ڪرڻ باوجود پٿورو ڀرسان سومرا محلي لڳ 50 فٽ گهارو پئجي ويو، جنهن ڪري شاخ جو پاڻي پٿورو شهر جي سومرا محله ۽ شهر جي ريلوي ڦاٽڪ وارن علائقن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو، شاخ ۾ گهاري سبب پٿورو شهر توڙي ڀرپاسي ۾ خوف پکڙجي ويو، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ گهاري واري هنڌ پهچي 05 ڪلاڪ بعد شاخ ۾ ستين ميل وٽ ڳنڍو ڏياري شاخ جو پاڻي عارضي طور پٿورو مائنير طرف ڪري ڇڏيوآهي، بااثر آبادگارن ۽ ايريگيشن عمدارن پاران ڄاڻايل شاخ ۾ڇڏيل برساتي پاڻي اوور ٽاپ هجڻ ڪري گهارا پوڻ معمول بڻجي ويو ۽ گذريل هڪ هفتي ۾ ٽيون ڀيرو گهارو پوڻ ۽ شاخ ۾ پاڻي اوور ٽاپ هجڻ ڪري پٿورو شهر سميت ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جنهن ڪري سوين ڳوٺن جي هزارين ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، هتان جي آبادگارن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ايريگيشن عملدار غيرقانوني طريقي سان زبردستي اصل پاڻي جي نيڪال جا گس کولائڻ بجاءِ کپرو تعلقي جي هزارين ايڪڙن ۾ بيٺل ٻوڏ جو پاڻي مذڪوره شاخ مان ڪڍائي پٿورو شهر سميت سوين ڳوٺن کي ٻيهر ٻوڙڻ چاهين ٿا، جيڪو سراسر غلط ۽ ظلم آهي،آبادگارن چيو ته پٿورو تعلقي ۾ اڳ ئي ٻوڏ جو پاڻي تمام وڏي مقدار ۾ موجود آهي، جيڪو پڻ اڃا تائين نڪري نه سگهيو آهي، مٿان وري کپري تعلقي جو پاڻي غيرقانوني طريقي سان لفٽ مشينون لڳائي اهو پاڻي پڻ اسان ڏانهن موڪلڻ چاهين ٿا جنهن سان علائقي ۾ وڏي تباهي ايندي،آبادگارن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ پاران شاخ ۾ ڏنل عارضي ڳنڍو ڪنهن به ٽائيم نڪري سگهي ٿو ۽ پاڻي وڌڻ ڪري ٻيهر گهارا پوڻ جو خطرو آهي، واضح رهي ته کپرو ڪئنال ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۾ 39 ميل وٽ هڪ ڇنڊڻ موري ٺهيل آهي، جيڪو ٻوڏ يا هنگامي صورت ۾ هتان جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ آهي، ليڪن ايريگشن عملدارن پاران اهو پاڻي ڇنڊڻ مان ڪڍڻ بجاءِ کاهي شاخ ۾ هڻي پٿورو شهر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي هٿن سان ٻوڙي رهيا آهن، هتان جي آبادگارن رهواسين وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته کپرو تعلقي ۾ بيٺل ٻوڏ جو پاڻي پٿورو مان ڪڍرائڻ بجاءِ کپرو ڪئنال ۾ 39 ميل واري ڇنڊڻ موري يا ڍوري مان ڪڍايو وڃي ۽ پٿورو شهر سميت سوين ڳوٺن کي تباهي کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.