تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

ڦل ڀرسان انگريزن جي دؤر جا بنگلا کنڊر، سرڪاري بي ڌيانيءَ سبب ڀوت بنگلن جو ڏيک ڏيڻ لڳا

فال ريگيوليٽر تي انگريزن جي دؤر جا ٺهيل آفيسرن جي رهائش جا بنگلا سن 1926 ڌاري تعمير ٿيا هئا

بنگلن ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي جي چوڌاري سوين گلن جا ٻوٽا ۽ ٽالهين، پپر ۽ عملداس جا وڻ هوندا هيا

ڦل(رپورٽ: خالد ميمڻ)ڦل شھر ڀرسان ڦل فال ريگيوليٽر تي انگريزن جي دؤر جا ٺهيل آفيسرن جي رهائش جا بنگلا جيڪي سن 1926 ڌاري تعمير ٿيا هئا جيڪي سرڪاري بي ڌياني سبب ڀوت بنگلا بنجي ويا آھن اڄ کان 96 سال اڳ جڏهن انگريزن سنڌ جو ايريگيشن نظام ٺاهيو ته ان دؤر ۾ هتي جيڪي نهري نظام ڦل ڦال ريگيوليٽر ٺاهيو ويو هيو جيڪو 1931 ۾ ٺهيو هو هي بنگلا ان نهري نظام کان اڳ ٺاهيا ويا هيا جتي انگريز آفيسر اچي رهندا هيا انگريز آفيسر پنهنجي پوري خاندان سميت هتي ترسندا هيا بنگلن سان گڏ تڏهن روڊ ڪونه هيا پر تنهن دؤر ۾ جڏهن هتي انگريز سرڪار جا ملازم هتي ڊيوٽي دوران رهندا هيا هي انهن جي لاءِ ٺاهيا ويا هيا، بنگلن ڏانهن ويندڙ رستو جيڪو هوندو ڪچو هيو ان رستي جي چؤڌاري هرقسم جي گلن جا ٻوٽا ۽ وڻ جن ۾ ٽالهيون، پپر جا وڻ، عملداس جا وڻ هوندا هيا جيڪي هاڻي ايريگيشن ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن ڪٽرائي ڇڏيا آھن بنگلن ڏانهن ويندڙ خوبصورت رستو چؤڌاري گل ۽ وڻ ٽڻ ۽ ايريگيشن کاتي جي سرڪاري زمين جيڪا اٺ کان ڏهه ايڪڙ آھي ان تي سائو سائو فصل هوندو هيو هاڻي اها زمين به آبپاشي کاتي جي عملدارن ڀڳڙن جي مٺ تي مقاطعي تي ڏئي ڇڏي آھي، سرڪاري بنگلن جن کي انجنيئري بنگلا به چيو ويندو آھي. هي بنگلا جهڙي نموني مٿانهين جڳهه تي ٺاهيا ويا آھن اهي اڄ به زمين کان مٿي نظر اچن ٿا، هنن بنگلن جي پرگهور نه ٿيڻ ڪري هاڻي اندران هنڌان هنڌان ٽٽي پيا آھن هنن جي در درين جو ڪاٺ ڪجهه چوري ٿي ويو ته ڪجهه خراب حالت ۾ اندر پيل آھي.

Bookmark the permalink.