تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ڦل واسي جوڙو پسند پرڻي بعد دربدر، قتل جو خدشو ظاهر

ڪولاب جيئل (ن پ ا) نوشهرو فيروز ضلعي جي ڦل شهر واسي جوڙي جا مائٽ عدالتي پرڻي ڪرڻ کانپوءِ ويري بڻجي ويا. ڪارنهن الزام هيٺ مارجڻ جي خوف کان جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور، تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل موجب ضلعي نوشهروفيروز جي ڦل شھر جي رهواسڻ ناري مسمات تهمينا ڦل گهران نڪري نوجوان ذوالفقار لغاريءَ سان حيدرآباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو، جنهن کان پوءِ ناريءَ جي مائٽن هٿان ڪارنهن الزام هيٺ مارجڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڌمڪين جي خوف کان جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. مائٽن جي اهڙين ڌمڪين خلاف جوڙي ٽنڊو مستي پريس ڪلب تي پهچي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته هنن پنهنجي مرضيءَ سان شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪيو آهي پر ڦل واسي مائٽ ناريءَ جو ڏاڏو ۽ ٻيا کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاريءَ جي الزامن هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا، جنهن ڪري تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.

Bookmark the permalink.