تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

ڦل شهر جو ڊرينيج نظام ناڪارا، گٽرن جو پاڻي بازارن ۾ ڪاهي پيو

ڦل (ن پ ا) ڦل شھر جو ڊرينيج نظام گذريل 10 سالن کان ناڪارا بڻيل، ڊرينيج جي واٽرن، نالن تي بااثرن قبضا ڪري لٽي ڇڏيو. گندي پاڻي جو نيڪال نه ھجڻ سبب مختلف محلي واسين پنھنجي گھرن اڳيان نالين کي ٻنڊا ڏئي ڇڏيا، جنھن سبب گٽرن جو گندو پاڻي مختلف محلن سومرا محلا، ميمڻ محلا، عمراڻي محلا، ملڪ محلا، مين بس اسٽاپ سميت شاھي بازار ۾ گٽرن جو ابتو پاڻي وھڻ سبب گندو پاڻي محلي جي گلين، گھرن، دڪانن، روڊ، رستن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل رھواسين جي اچ وڃ متاثر ھجڻ سبب ڪاروبار کي اڄ ٻئي ڏينھن به ڪاپاري ڌڪ لڳو. جڏھن ته مختلف برادرين جو ھڪٻئي سان چڪريون جاري آهن، وڏي فساد جو خدشو آهي. جڏھن ته يوسي انتظاميه ننڊ ستل آهي انهن مسئلن کان مڪمل لاتعلق بڻيل آهي. ٻئي پاسي محلي واسين، شھرين ساجن علي سومرو، امجد علي سومرو، گلاب عمراڻي، حامد عمراڻي، اصغر علي ميمڻ، نصرالله ملڪ، سيٺ رحمت الله ملڪ, حافظ حنيف سومرو، خير محمد سومرو، وقار ميمڻ ۽ ٻين ڊي سي نوشھروفيروز، ايڊمنسٽريٽر يوسي ڦل، پبلڪ ھيلٿ جي ڪامورن، ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تحرڪ وٺي ڊرينيج نظام بحال ڪري پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي. هنن اڄ شٽر بند ھڙتال ڪرڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو آهي.

Bookmark the permalink.