تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺاڻي جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا: هڪ – هڪ لک رُپيا ڏنڊ

ڳوٺاڻي صدام حسين کي گهر ۾ گهڙڻ بعد سڌا فائر ڪري قتل ڪيو ويو هو

دادو (رپورٽر) دادو جي عدالت ڳوٺاڻي جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن ڀائرن سوڌو 5 ڏوهارين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ ڦلجي اسٽيشن ڀرسان قتل ٿيل صدام حسين ولد علي محمد ميڻو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو جاري ڪيو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ساڳين جوابدارن امام الدين ولد مير محمد، سندس ڀاءُ شهاب الدين، عزيز الله ولد ابوبڪر، سندس ڀاءُ محمد حسين ۽ محمد صديق ولد علي نواز ميڻو کي عمر قيد سان گڏ هڪ-هڪ لک رُپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي آهي.
واضح رهي ته مقتول صدام حسين جي چاچي جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو. ڳوٺاڻي کي گهر ۾ گهڙي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.