تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

ڏکڻ آفريڪا: مسافر ٻارڙي کي شرٽ سبب جهاز ۾ ويهڻ کان روڪيو ويو!

ڪراچي (دلچسپ نيوز) عام طور تي اهڙا واقعا سامهون ايندا جڏهن ڪنهن فضائي ڪمپني طرفان ڪنهن عورت کي اڻ وڻندڙ لباس پهرڻ سبب جهاز ۾ سفر ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي پر هڪ ٻار کي سندس ٽي شرٽ سبب اڏام ۾ سوار ٿيڻ کان روڪيو وڃي ته عجيب ضرور لڳندو پر ڏکڻ آفريڪا ۾ اهو واقعو پيش آيو جتي جوهانسبرگ ايئرپورٽ تي 10 سالن جي ٻار کي ايئرپورٽ سيڪيورٽي عملدارن سندس شرٽ تي هڪ نانگ جي تصوير سبب جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. نيوز ويڪ جي رپورٽ موجب اسٽيو لوڪاس پنهنجي ڪٽنب سان ڏاڏي وٽ ويسٽرن ڪيپ وڃي رهيو هو جڏهن ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي عملدارن سندس ماءُ مارگا کي هدايت ڪئي ته ٻار جو نانگ وارو رانديڪو ۽ نانگ جي تصوير واري شرٽ کڻي وڃڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. عملدارن موجب شرٽ تي نانگ جي تصوير ڏسي ٻين مسافرن يا عملي کي ذهني بيچيني يا ڳڻتي ٿي سگهي ٿي. اهڙي هدايت تي ٻار شرت لاهي پوءِ جهاز ۾ سوار ٿي ويو. لباس سبب اڪثر مسافرن کي روڪيو ويندو آهي جن ۾ اڪثريت عورتن جي هوندي آهي ڇو ته اڪثر اڻ وڻندڙ لباس سبب عورتن کي جهاز ۾ سفر ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي.

Bookmark the permalink.