تازا ترين
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ڏکيائين باوجود همت نه هاري، نوان فنڪار غيراخلاقي شاعري ڳائڻ کان پاسو ڪن: خوشبو لغاري

شروعات ۾ ماڻهن کي منهنجي ڳائڻ تي اعتراض هو ۽ ڌمڪيون به ملنديون هيون پر پيءُ جو سهڪار هو

ميرپورخاص (ڳالهه ٻولهه: وارث خاصخيلي) سنڌ جي مشهور فنڪارا خوشبو لغاري چيو آهي ته سنڌ جي فنڪارن کي گھرجي ته اهي ولگر قسم واري غير معياري شاعري ڳائڻ کان پاسو ڪن. سنڌ امن، محبت ۽ پيار جي ڌرتي آهي، سنڌ صوفي ازم وسيلي دنيا ۾ پيار جو پيغام ڏنو آهي، مونکي موسيقي سان پيارآهي، منهنجو والد يوسف لغاري شاعر آهي، سندس ساٿ سان فن جي دنيا ۾ اچي ويس. اهڙو اظهار هن ميرپورخاص ۾ راڳ جي سکيا لاءِ قائم ڪيل اڪيڊمي ۾ پنهجي اخبار کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. خوشبو لغاري چيو ته فن جي دنيا ۾ اچڻ دوران مونکي تمام گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. منهنجي ڳائڻ تي برادري جي ڪيترن ئي ماڻهن کي اعتراض هو، مونکي ڌمڪيون به ملنديون هيون پر منهنجي والد جي سهڪار سان راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس جنهن کانپوءِ محنت سان سنڌي، اردو، سرائيڪي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ گيت ڳايا جن کي ٻڌندڙن وٽان ڀرپور موٽ ملي. مداحن طرفان موٽ ملڻ کانپوءِ ڌمڪيون ملڻ به بند ٿي ويون. فنڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪاميابي ماڻڻ لاءِ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ محنت سان ئي منزل ماڻي سگهجي ٿي. خوشبو لغاري پنهنجي شروعاتي ڏينهن بابت ٻڌايو ته پهريون ڀيرو ميرپورخاص ۾ جڏهن هن هڪ تقريب ۾ ڳايو ته ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. اها هڪ سيمينار جي تقريب هئي جنهن دوران امن ۽ ڪاروڪاري بابت گيت ڳايو ۽ ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ ڏسي پريشان ٿي ويس. گيت پورو ڪرڻ تي پيءُ کان ان جو سبب پڇيم جنهن تي والد توڙي پروگرام ۾ موجود ماڻهن گيت جي ساراهه ڪئي جنهن سان منهنجي دل به خوش ٿي. فنڪارا چيو ته نون فنڪارن کي گھرجي ته هو راڳ جي سکيا وٺن ۽ محنت ڪن جنهن سان ڪاميابي سندن پير چمندي. فنڪارا 7 اگست 1996ع تي جنم ورتو، پرائمري تعليم ڳوٺ لُنڊوشريف ۾ حاصل ڪئي ۽ هو بي ايس سي جي شاگردياڻي آهي.

ڪيم ۽ وڌيڪ تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪيم بي ايس سي ۾ پڙهي رهي آهيان .منهنجو هڪ ڀاءُ آهي ۽ ست ڀيڻون آهيون .منهنجي ننڍي ڀيڻ سونهن لغاري به فنڪارا آهي .خوشبو لغاري چيو ته مون شاعري به لکي آهي .هن چيو ته فنڪارن ۾ عابدا پروين کي گھڻو پسند ڪريان ٿي هن چيو ته اسان فنڪارن وٽ گھر ۾ کاڌو تيار ڪرڻ لاء وقت گھٽ هوندو آهي ۽ جڏنهن وقت ملندو آهي ته رڌ پچاء جو ڪم ڪري وٺندي آهيان .هن چيو ته ريڊيو ۽ ٽي وي تي کوڙ سارا گيت ڳايا آهن .

Bookmark the permalink.