تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڏيپلو ويجهو 8 مهينا اڳ شادي ڪندڙ ناري آپگهات ڪري ڇڏيو

ڏيپلو( ن پ ا ) ڏيپلو ويجهو ڳوٺ انھيريو واڇرا ۾ شريمتي سرسوتي زال روشن ميگھواڙ رات ديرسان گھر ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي پوليس پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال ڏيپلو آندو. ناري جي مڙس روشن ٻڌايو ته اٺ مھينا اڳ اسان جي شادي ٿي هئي گھر ۾ ڪابه پريشاني نه ھئي بس اسان جو نصيب ڦٽو. ناري جي وارثن وڌيڪ ٻڌايو ته رات 2 بجي اسان لاش کڻي اسپتال پھتا آھيون ليڪن ڊاڪٽرياڻي نه آهي جنهن ڪري اڃا پوسٽ مارٽم نه ٿيو آھي. جڏهن ته ڏھ بجي ڊاڪٽرياڻي پھچي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.