تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڏوڪري ۾ انتظامي نااهلي سبب شهر ۾ گندگي وڌي وئي

ڏوڪري (ن پ ا ) ڏوڪري ٽائون انتظاميا جي لاپرواهي سبب صفائي نه ٿيڻ ڪري ڀٽائي بازار، حيدري بازار، ريشم گلي، کوکر محلا، مدينا ڪالوني سميت شهر جي ڪيترن ئي بازارن ۽ محلن ۾ نالين جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو آهي، دڪاندار مقيم ميمڻ، سارنگ علي، طفيل احمد، محمد سچل، عبدالحفيط جو چوڻ هو ته شهر جي روڊن رستن ۽ گهٽين سميت دڪانن ۽ گهرن اڳيان نالن جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو آهي. منور علي، ضمير حسين، گلزار علي، حاڪم علي ۽ ٻين چيو ته پاڻي بيهڻ ڪري اسڪول لاءِ ويندڙ ٻارڙن کي سخت تڪليف پهچي رهي آهي، ڪيترائي ئي اسڪولي ٻارڙا گندي پاڻي ۾ ڪري پيا آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ڏوڪري شهر جي صفائي ڪرائي وڃي ۽ روڊن رستن ۽ گهيٽين ۾ بيٺل نالن جي گندي پاڻيءَ جو نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو،

Bookmark the permalink.