تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

ڏهرڪي ۾ پٽاٽن واري ٻوري جي پئسن تان جهيڙو: لتن ۽ مڪن جو وسڪارو

ڏهرڪي (ن پ ا ) ڏهرڪي ۾ پٽاٽن جي ٻوري جي پئسن تان ريڙهي وارن ۽ سبزي جي ڪميشن ايجنٽ ۾ جهيڙو، هڪٻئي کي لتن، مڪن ۽ ٺونشن جو وسڪارو، ڪپڙا ليڙون ليڙون، سبزي منڊي ۾ ريڙهي وارن رضا ڪلهوڙو، ضمير ڪلهوڙو ۽ سبزي منڊي جي ڪميشن ايجنٽ بابو ملڪ ۽ ان جي مزدورن وچ ۾ پٽاٽن جي ٻوري جا پئسا دير سان ڏيڻ تان جهيڙو ٿي پيو، هڪٻئي تي لتن، مڪن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو. ٻئي ڌريون ٿاڻي تي پهتيون.

Bookmark the permalink.