تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

ڏهرڪي ۾ بيواهه عورت جو ٻارن سوڌو احتجاج: بااثرن تي ڪارنهن جي الزام ۾ پُٽ سان بدفعلي ۽ تذليل ڪرڻ جو الزام

ڳوٺ جي بااثر ماڻهن 14 سالن جي پُٽ تي ڪارنهن الزام مڙهيو: شريفان جتوئي

پُٽ کي پيشاب پياري بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو: انصاف ڪيو وڃي: عورت جو مطالبو

ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ۾ بااثرن طرفان نينگر کي ڪارنهن الزام هيٺ اغوا بعد پيشاب پيئاري تذليل جو انڪشاف ٿيو آهي. ڏهرڪي جي بيواهه مسمات شريفان زال جتوئي گهنڃو ڏهرڪي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، بيواهه عورت انڪشاف ڪيو ته ڳوٺ جي بااثرن محمد ايوب گهنڃو، ابرار گهنڃو، غلام حيدر گهنڃو، بلاول گهنڃو ۽ ٻين 15 ڏينهن اڳ منهنجي 14 سالن جي پٽ امداد علي کي مسمات هيران ڌيءَ ڀٽو گهنڃو سان ناجائز لاڳاپن جو ڪوڙو الزام لڳائي ڪارو قرار ڏئي گهر تي حملو ڪيو، بااثر معصوم پٽ کي اغوا ڪري ويا ۽ پنهنجي اوطاق تي پنچائت لڳائي 60 کان مٿي ماڻهن جي سامهون منهنجي پٽ جي تذليل ڪندي سرعام منهنجي اڳيان پيشاب پيئاري هن سان بدفعلي ڪري ناحق انتقام جو نشاڻو بڻايو ويو، مان پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي رهيس پر ڪنهن به منهنجي دانهن نه ٻڌي پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران مونکي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو، پوليس جي اهڙي نا انصافي تي مان سيشن ڪوٽ گهوٽڪي ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي، عدالت سڳوري 2 ڊسمبر تي سمورن جوابدارن سميت ايس ايڇ او ريتي احسان مهر کي طلب ڪري ورتو آهي، ڪاري قرار ڏنل ڇوڪري کي پنجاب جي شهر ڪوٽ سبزل ۾ سندس والد ڀٽو گهنڃو 6 لک رپين جي عيوض جانب پٽ پيارو کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، پٽ گهر ڇڏي هليو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.