تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڏهرڪي ۾ انتظامي نااهلي سبب گندگي جو آزار، شهرين جواحتجاج

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾ ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب گندگي جو آزار نه گهٽيوآهي، پنجن مهينن کان گٽرن جو گندو پاڻي گهرن ۾ بيٺلهجڻ ڪري ، لعل بخش ڪالوني واسي سراپا احتجاج بڻجي ويا. ان ڏس ۾ مختلف محلن ۽ ڪالونين ۾ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن رستن تي بيهڻ کان پوء گهرن ۾ ڪاهي پيو آھي، لعل بخش ڪالوني ۽ غوثپور محلي ۾ نيڪال واريون مشينون بند ٿيڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي ۽ پنجن مهينن کان گندو پاڻي بيهڻ ڪري ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي پيا ، ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ جي نااهلي خلاف لعل بخش ڪالوني واسين نواز ليگ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ڪائنات بلوچ ، ڪرن اعواڻ ، سيما چانڊيو ، حضور بخش ڪوڀر ، اضغر ڀيو ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته لعل بخش ڪالوني واسين کي پنهنجي ووٽن جي سزا ڏني پيئي وڃي، هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب اسان جي گهرن ۾ پاڻي بيهي ويو آھي. غوثپور محلي واري پمپنگ اسٽيشن گذريل هڪ سال کان بند پيل آھي ، پر انتظاميا جي مٿي تي جونء ناهي سُري. هن ڀيري جيڪي ووٽ وٺڻ ايندا ان سان هڪ هڪاڻي ڪبي.

Bookmark the permalink.