تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

ڏهرڪي ڀرسان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڳوٺاڻو قتل

ڳوٺ پيراڻو شر ۾ شر برادري جي ڌرين پراڻي تڪرار تان هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ڀرسان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيراڻو شر ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تي جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ علم الدين ولد افغاني شر مارجي ويو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کينجهو پوليس ۽ وارث کڻاڻي ڏهرڪي اسپتال پهتا، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، کينجهو پوليس ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آھي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.