تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڏهرڪي ويجهو چار مهينا اڳ 12 لکن سميت گم ٿيل نوجوان جو گرفتار جوابدر جي نشانڌهي تي لاش هٿ

پيسن جي لالچ ۾ مقتول جي زال جي مدد سان کيس قتل ڪري لاش جا ٽڪرا ڪري دفن ڪيو: جوابدار

مقتول نذير جي زال راڻي سان جوابدر جا ناجائز تعلقات جنهن ڪري قتل ڪيو ويو: پوليس

ڏهرڪي (ن پ ا) ڳوٺ نصير ڌونڌو جي رهواسي نذير ڌونڌو جو لاش کينجهو واري علائقي مان هٿ ڪيو ويو. چار مهينا اڳ 12 لک روپيا سميت لاپتا ٿيل نذير ڌونڌو جا وارث حد جي پوليس وٽ دانهيدا رهيا هيا پر پوليس فرياد نه ورتي هئي. گم ٿيل نوجوان جي موبائيل فون جي آخري لوڪيشن ڪوئٽا ۾ ملڻ ڪري پوليس ڪو ڪيس داخل نه ڪيو. مقتول جي ڀاء بشير احمد گهوٽڪي جي عدالت ۾ شوڪت ڌونڌو ۽ واجد ڌونڌو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاء درخواست ڏني هئي. گهوٽڪي جي عدالت ڪيس ڏهرڪي جي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو هيو. ڏهرڪي جي عدالت پوليس جي انڪوائري ٽيم جوڙي انڪوائري جو حڪم ڏنو هيو. عدالت جي حڪم بعد انڪوائري ڪندڙ ٽيم جي ايس ايڇ او گهوٽڪي طفيل ڀٽو شوڪت ڌونڌو کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار شوڪت ڌونڌو پوليس آڏو اعتراف ڪرڻ بعد سندس نشاندهي تي لاش کينجهو واري علائقي مان هٿ ڪيو ويو. ايس ايڇ او گهوٽڪي موجب شوڪت ڌونڌو گرفتاري بعد اعتراف ڪيو ته پيسن جي لالچ ۾ نذير جي زال مسمات راڻي جي مدد سان نذير کي نشو ڏئي ڪار ۾ کڻي وڃي تيزاب هارڻ بعد قتل ڪري لاش جا 3 ٽڪر ڪري کينجهو ڀرسان دفنايوويو. گهوٽڪي پوليس موجب مقتول نذير جي زال راڻي سان شوڪت جا ناجائز تعلقات جنهن ڪري نذير کي قتل ڪيو ويو ۽ سندس گهرواري راڻي کي به گرفتار ڪري ويو آهي. مقتول جي مامي موجب ظالمن سندن ظلم ڪيو آھي، مقتول جا هڏا مليا آھن ان هنڌ تان نذير جا ڪپڙا ڪمبل ۽ ٻيو سامان مليو آھي.

Bookmark the permalink.