تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ڏهرڪي جي ناري مسلمان ٿيڻ بعد معذور نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ورتي

ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي جي هندو ناري ڀرچونڊي شريف ۾ مسلمان ٿيڻ بعد معذور نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ورتي. شاهه لطيف ڪالونيءَ جي رهواسڻ ناري پريانڪا ميگهواڙ ڌيءُ هرڳڻ ميگهواڙ ڀرچونڊي شريف ۾ مسلمان ٿيڻ بعد معذور نوجوان مير حسن ڏهر سان پسند جي شادي ڪري ورتي آهي. ناري جو چوڻ آهي ته ڀرچونڊي شريف ۾ هُن پير عبدالخالق وٽ اسلام قبوليو، جنهن کانپوءِ سندس نالو شبيران رکيو ويو آهي. ناري چيو ته هُن رضا خوشيءَ سان اسلام قبولڻ بعد مير حسن سان شادي ڪئي آهي، کيس نه ڪنهن ورغلايو آهي ۽ نه ئي اغوا ڪيو آهي. ٻئي پاسي ناريءَ جي گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو ۽ سندس ماءَ پيءُ کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا آهن. ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته کيس ورغلائي مسلمان ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.