تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڏهرڪيءَ ڀرسان اغوا ڄاڻايل نوجوان مٿان تيزاب هاري لاش ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جو انڪشاف

ڏهرڪي/ ريتي (نمائندا) ڏهرڪي ڀرسان لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي جو انڪشاف، چار مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل نوجوان مٿان تيزاب هاري قتل ڪرڻ بعد لاش ڳڀا ڳڀا ڪري دفن ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. دفنايللاش پوليس هٿ ڪري ورتو خبر موجب چار مهينا اڳ ريتي ٿاڻي جي ڳوٺ نصير ڌونڌو جو رهواسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا ٿي ويو هو. وارثن جي ڳولا باوجود نوجوان جو پتو نه پئجي سگهيو هو. نوجوان جي وارثن شڪ ڏيکاريو هو ته نذير کي اغوا ڪيو ويو آھي. گهوٽڪي جي عدالت ڪيس ڏهرڪي جي عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو هو. ڏهرڪي جي عدالت انڪوائريءَ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد گهوٽڪي پوليس ڪجهه ڏينهن پهريان الزام هيٺ آيل شوڪت ڌونڌو کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او گهوٽڪي طفيل ڀٽو ٻڌايو انڪوائري دوران شوڪت ڌونڌو، نذير کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ۽ کينجهو جي ريگستاني علائقي ۾ لاش کي ٽن هنڌن تي دفن ڪرڻ جي نشاندهي ڪئي جتان لاش جا هڏا مليا آهن. ايس ايچ او وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار شوڪت اهو اعتراف ڪيو آھي ته نذير ڌونڌو جي زال سان هن جا ناجائر لاڳاپا هئا. نذير کي زال جي مدد سان نشو ڏئي، بعد ۾ ڪار ۾ کڻي وڃي نوجوان مٿان تيزاب هاري لاش کي ڳڀا ڳڀا ڪري دفنايو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي اهڙي اعتراف بعد مقتول نذير ڌونڌو جي زال راڻي کي به گرفتار ڪري ورتو آھي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي مقتول جي مامي محمد خان ڌونڌو ۽ ڀاءُ بشير ٻڌايو ته ظالمن ظلم ڪري نذير کي قتل ڪيو. هنن چيو ته شوڪت جي نشاندهي واري جڳهه تان لاش جا هڏا ۽ نذير جا ڪپڙا ۽ ڪمبل به مليو آھي.

Bookmark the permalink.