تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڍورونارو مان ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل پ پ اڳواڻ جو پٽ بازياب

ڍورونارو (ن پ ا) ٻه ڏينھن اڳ غلام نبي شاھ ٿاڻي جي حد مان مبينا طور اغوا ٿيل پ پ پ اڳواڻ شھيد محمد اسماعيل چوپاڻ جو نوجوان پٽ الھداد چوپاڻ بازياب ٿي ويو، گذريل رات تقريبن ساڍا ٽي بجي جوابدار نوجوان جا ھٿ، پير ۽ اکيون ٻڌي ڳوٺ گنڀي جو دڙو ڍورونارو-ڇور مين روڊ تي اڇلائي فرار ٿي ويا. جنھن کي ڳوٺاڻن ڍورونارو پوليس ۽ وراثن کي اطلاع ڪيو، جنھن بعد سون جي تعداد ۾ ماڻھو ۽ ڍورونارو پوليس پهچي ويا، نوجوان جا ھٿ، پير ۽ اکيون کولي ڍورونارو اسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽرن ريفر ليٽر ڏئي حيدرآباد سول اسپتال روانو ڪيو. رابطي تي بازياب ٿيل الھداد چوپاڻ پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ٻه ڏينھن اڳ جيئن غلام نبي شاھ شھر مان ٻاھر نڪتس ته چار ٻٽ ٻڌل جوابدارن مون کي کنڀي ڪار ۾ ويھاري اکين تي پٽي ٻڌي نامعلوم ھنڌ کڻي ويا، ٻن ڏينھن تائين پاڻ وٽ رکڻ بعد گذريل رات منهنجا ھٿ، پير ۽ اکيون ٻڌي ڳوٺ گنڀي جي دڙي ويجھو ڍورونارو-ڇور مين روڊ ٿي اڇلائي روانا ٿي ويا. جنھن بعد ڀرسان ڳوٺاڻن مون کي منھنجي وارثن ۽ ڍورونارو پوليس کي اطلاع ڪيو جن اچي منھنجا ھٿ، پير ۽ اکين تان پٽي کولي ڍورونارو اسپتال پھچايو. ٻئي پاسي بازيات ٿيل نوجوان جي ڀاءُ نيڪ محمد چوپاڻ پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڀاءُ کي بابا جي قتل ۾ ملوث ڌر وارن ئي اغوا ڪيو ھو. اسان جي سخت احتجاج بعد اغوا ڪندڙن ڀاءُ کي آزاد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا. ھن چيو ته غلام نبي شاھ پوليس جو ايس ايچ او اغوا ڪندڙن جي ڌر بڻجي ويو آھي، اسان کي شڪ آھي ته ايس ايچ او غلام نبي شاھ سموري معاملي ۾ ملوث پڻ آھي.اسان جلد ھن جي خلاف ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين، ھن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ته ايس ايچ او غلام نبي شاھ خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.