تازا ترين
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

”ڌيءُ سان ملاقات ڪرايو“: ميرپور خاص ڏير جي قتل ڪيس ۾ گرفتار انيتا ڪولهڻ عدالت ۾ روئندي رهي

اڍائي مهينا اڳ ڏير نريش کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ناري عدالت ۾ پيش

عدالت انيتا جي درخواست تي کيس وارثن سان ملاقات ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ميرپور خاص (رپورٽر) ميرپور خاص ڀرسان معصوم ڏير کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ناري انيتا ڪولهڻ ڌيءُ سان ملاقات نه ڪرائڻ تي عدالت آڏو روئندي رهي، عدالت سندس وارثن سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڳوٺ ڏاهيو ڪولهيءَ ۾ اڍائي مهينا اڳ معصوم ڏير نريش ڪولهي کي ڪُهي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ناري انيتا ڪولهڻ کي جڊيشل مئجسٽريٽ 2 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. انيتا ڪولهڻ عدالتي احاطي ۾ ڌيءُ سان ملاقات نه ڪرائڻ تي روئندي رهي ۽ ساڻس ملاقات ڪرائڻ لاءِ منٿون ڪيون.
عدالت جوابدار انيتا ڪولهڻ جي درخواست تي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي کيس وارثن سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته کيس 15 آڪٽوبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.

Bookmark the permalink.