تازا ترين
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

ڌاٻيجي واسين سان ظلم: واٽر سپلاءِ ۾ گٽر ملي ويا: رهواسي بيمارين ۾ وٺجي ويا

شيخ عبدالمجيدسنڌي ڪالوني۽ٻين علائقن ۾4ڏينهن کانپوءِفراهم ٿيندڙپاڻي۾گٽرمليل

شهرين جو احتجاج: گندو پاڻي پيئڻ سبب ٻارڙا ڪامڻ ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن: الزام

ڌاٻيجي(رپورٽ: شبير جوکيو) ڌاٻيجي واسين سان ظلم، واٽر سپلاءِ ۾ گٽر ملي ويا: رهواسي بيمارين ۾ وٺجي ويا. ان ڏس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽرن جو پاڻي ملي ويو آهي. شهرين شاهد سمون، ذولفقار علي ڀنڊ، ارمان علي ۽ انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو، جن الزام لڳايو ته 4 ڏينهن کانپوءِ پاڻي ملي ٿو، جنهن ۾ به گٽر مليل آهن، معصوم ٻارڙا ڪاري ڪامڻ سميت پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن.

Bookmark the permalink.