تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڊگهڙي ۾ اڳوڻي ايم پي اي ميرمحمد حيات ٽالپر جي وڇوڙي تي تعزيت جو سلسلو جاري

ڊگهڙي(ن پ ا) ڊگهڙي جي اڳوڻي ايم پي اي مير محمد حيات ٽالپر جي وڇوڙي تي مختلف شخصيتن تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي خبر موجب اڳوڻي ايم پي اي مير محمد حيات خان ٽالپر جي لاڏاڻي تي ايم پي اي ميرطارق خان ٽالپر سان مختلف شخصيتن ٽالپر هائوس ڊگهڙي پهچي تعزيت ڪئي جنهن ۾ صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ، ايم اين اي ذوالفقار بهڻ، جي يو آءِ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو، ايم پي اي سيد فسيح احمد شاھ، ايم پي اي سڪندر شورو، ايم پي اي علي حسن زرداري، ايم پي اي سهراب سرڪي، ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، اڳوڻو قانون وارو وزير ضياءِ الحسن لنجار ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شامل هئا، مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي.

Bookmark the permalink.