تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ڊگهڙي شگر مل پاران پيڙائي شروع، مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري

ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگهڙي شگر مل ڪمند جي پيڙائي شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته مل انتظاميا سان گڏجاڻي ۾ سنڌ آبادگار اتحاد ضلع ميرپورخاص جي صدر سيف الله گل، حاجي نورحسن چانڊيو، چوڌري اختر رضا، ڪاشف جوڻيجو، ڪاشف آرائين، سليمان نوحاڻي ۽ ٻين ڪمند جي مناسب اگهه، پئسا ۽ بل وقت سر ڏيڻ ۽ مل مان بيدخل ڪيل مقامي ماڻھن کي ٻيهر بحال ڪرڻ سميت ٻيا مطالبا رکيا، جيڪي مل انتظاميا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. مل انتظاميا پاران ڊائريڪٽرفنانس عتيق الرحمان چيو ته سيزن دوران روزاني جي بنياد تي آبادگارن کي پيمينٽ ادا ڪئي ويندي، جائز ۽ مناسب اگهه ڏيڻ سان گڏ بل پڻ ڏنا ويندا.



Bookmark the permalink.