تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي بحالي واري تجويز رد، نظام جي تبديلي سان فوري نتيجا ناهن ملندا: وزير اعظم

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) وزير اعظم عمران خان ڊپارٽمينتل ڪرڪيٽ جي بحالي جي تجويز رد ڪندي چيو آهي ته جڏهن نظام تبديل ٿيندو آهي ته فوري طور نتيجا ناهن ايندا، نئين ڊوميسٽڪ ڍانچي سان حقيقي ٽئلينٽ سامهون ايندو.اسلام آباد ۾ وزير اعظم عمران خان سان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻن ۽ موجوده ڪپتانن ملاقات ڪئي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي نئين ڍانچي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب وزير اعظم عمران سان ملاقات ۾ اڳوڻي ڪپتانن ۾ وسيم اڪرم، مصباح الحق، محمد حفيظ شامل هئا، جڏهن ته ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي، چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) احسان ماني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان به موجود آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڪرڪيٽرن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ڊپارٽمنٽس جي بحالي جو مطالبو ڪندي چيو ته ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي خاتمي سان مقامي رانديگر بيروزگار ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي بحالي جي تجيوز رد ڪري ڇڏي آهي، سندس چوڻ هو ته ريجنل ڪرڪيٽ سڀ کان بهترين ڊوميسٽڪ اسٽرڪچر آهي، پراڻو ڊوميسٽڪ نظام ختم ٿيڻ سان پيدا ٿيل ڏکيائين جو اندازو آهي. وزيرا عظم جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪرڪيٽ ٺيڪ ڪرڻي آهي ته ريجن ڪرڪيٽ واحد حل آهي، جڏهن نظام تبديل ٿيندو آهي ته هڪ يڪدم نتيجا ناهن ايندا، نئين ڊوميسٽڪ ڍانچي سان حقيقي ٽئلينٽ سامهون ايندو.

Bookmark the permalink.