تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

ڊي جي ايف آءِ واري عهدي تان هٽائڻ سبب بشير ميمڻ نوڪري ئي ڇڏي ڏني

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) هٽايل ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. هٽايل ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن استعيفيٰ موڪلي ڇڏي آهي، جنهن ۾ هُن ڄاڻايو آهي ته هاڻي هو وڌيڪ ڪم نٿو رهي سگهي، تنهن ڪري استعيفيٰ ڏني آهي. روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ تصديق ڪئي ته هُن استعيفيٰ ڏني آهي ۽ کيس هٽائڻ وارو فيصلو سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ وارين خبرن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته سُپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود وفاقي سرڪار ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي عهدي تي برقرار نه رکيو ۽ کيس هٽائي پاناما ڪيس بابت جي آءِ ٽي جي اڳوڻي سربراهه واجد ضياءَ کي مقرر ڪري ڇڏيو هو. سُپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته اصغر خان ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين بشير ميمڻ ڊي جي ايف آءِ اي جي عهدي تي برقرار رهندو.

Bookmark the permalink.