تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

ڊينيئل پرل ڪيس: سنڌ حڪومت جي اسٽي آرڊر واري درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ سنڌ حڪومت پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ٻڌڻي 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،ڪالهه جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سنڌ حڪومت ۽ ڊينيئل پرل جي والدين پاران اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت آڏو سنڌ حڪومت جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ پيش ٿي ڪري موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کانپوءِ ايم پي او واري قانون تحت جوابدارن کي نظربند ڪري رکيو آهي، اهو قانون ٻه جولاءِ تي پنهنجو مدو ختم ڪري رهيو آهي ان ڪري عدالت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر ڪري، جوابدار عالمي دهشتگرد آهن انهن کي جيڪڏهن آزاد ڪيو ويو ته تمام گهڻي پريشاني ٿيندي، هڪ جوابدار افغانستان ۽ هڪ انڊيا سان لاڳاپيل دهشتگرد تنظيم سان گڏ ڪم ڪندو رهيو آهي، جسٽس يحييٰ آفريدي کيس چيو ته اوهان کي ذهن ۾ رکڻو گهرجي ته هاءِ ڪورٽ جوابدارن کي آزاد ڪيو آهي انهن خلاف جلد ٻڌڻي واري درخواست تي ڇا فيصلو ڏيڻ ممڪن آهي؟ فاروق ايڇ نائڪ چيو ته جوابدارن جي جيڪڏهن نظربندي ختم ڪئي وئي ته هو جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن 18 سالن کان سج جي روشني نه ڏٺي آهي انهن کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نظربند رکڻ قانون جي خلاف ورزي آهي، انهن کي آزاد ڪيو وڃي، جسٽس مشير عالم چيو ته جوابدارن جي بريت واري فيصلي جو صحيح طريقي سان جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي  ڪو فيصلو ڏئي سگهجي ٿو، جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪا گهٽتائي آهي ته پوءِ فيصلو معطل ڪري سگهجي ٿو، حڪومت چاهي ته قانون مطابق ايم پي او جي قانون ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي.

Bookmark the permalink.