تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڊينيئل پرل قتل: هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي اپيل رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت جي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته سنڌ حڪومت جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي 30 سيپٽمبر کان پهريان مقرر ڪرڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻيو ويو. ڪالھه جسٽس مشير عالم، جسٽس منظور ملڪ ۽ جسٽس قاضي امين تي ٻڌل خصوصي بينچ سنڌ حڪومت سميت ڊينيئل پرل جي والدين جي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ڊاڪٽر فيض شاھه جي طرف کان وڪيل پيش ٿي عدالت کي آگاهي ڏني ته ڊاڪٽر فيض شاھه جي والده جي هڪ ڏينهن پهريان فوت ٿي چڪي آهي ان ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. سنڌ حڪومت جي وڪيل فاروق نائيڪ چيو ته ٽرائل ڪورٽ جوابدارن کي سزا ٻڌائي جڏهن ته هاءِ ڪورٽ ان خلاف فيصلو ڏنو جيڪو قانون جي نظر ۾ ٺيڪ ناهي. جسٽس منظور ملڪ وڪيل فاروق نائيڪ کان سوال ڪندي چيو ته ڇا اوهان کي خبر آهي ته ٽرائل ڪورٽ ڪهڙي قانون تحت جوابدارن کي سزا ڏني، اهو ڪيئن ثابت ڪندا ته اغوا ٿيندڙ دينيئل پرل هيو، ڇا ٽيڪسي واري جنهن گواهي ڏني ان کي خبر هئي اهو دينيئل پرل آهي؟، ڇا ٽيڪسي واري انگريز جو اڇو رنگ ڏسي سڃاتو؟ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي ڪٿي به چيلنج نه ڪيو ويو، ڇا اهو سڀ عمل غلط نه هيو، نائيڪ صاحب اوهان جو رنگ به اڇو آهي، ان دوران فاروق نائيڪ چيو ته منهجو رنگ انگريز وانگر اڇو ناهي، جسٽس منظور ملڪ چيو ته اوهان ڪيئن ثابت ڪندا ته قتل جي سازش هڪ هوٽل ۾ ٿي؟. اهو ٻڌايو ته جوابدارن ڪيتري سزا ڪاٽي آهي؟، جوابدارن جي وڪيل جواب ڏيندي چيو سمورا جوابدار 18سالن کان قيد ۾ آهن. فاروق نائيڪ چيو ته 30 سيپٽمبر کان پهريان ايندڙ ٻڌڻي مقرر ٿيڻ گهرجي نه ته جوابدار آزاد ٿي ويندا.

Bookmark the permalink.