تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايس او پيز جو جائزو وٺڻ لاءِ نئون ديرو پهچي اسڪولن جا دورا ڪيا

نئون ديرو(ن پ ا) ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري اختر حسين ڪوريجو نئون ديرو شهر جي گورنمينٽ گرلز ۽ بوائز هاير سيڪنڊري اسڪولن ۽ هاءِ اسڪولن جو اوچتو دورو ڪيو جنهن دوران گورنمينٽ گرلز هاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو ۾ شاگردن ۽ استادن جي ٽيمپريچر چيڪ ڪرڻ لاءِ ٽيمپريچر گن جو استعمال نه ڪرڻ سان گڏ سينيٽائيزر ۽ هينڊ واش مهيا نه ڪيل هئا جڏهن ته اسڪول ايندڙ ڪيترن ئي ٽيچرز توڙي شاگردياڻين کي ماسڪ به پهريل نه هئا جنهن تي هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسڪول جي پرنسپال ۽ ٽيچرز مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سخت ڇنڊ پٽي ۽ هنن کي سختيءَ سان هدايتون ڏيندي چيو ته سڀاڻي کان لاڳو ڪيل ايس او پيز تي سختيءَسان عمل ڪيو وڃي. ڊي اي او سيڪنڊري ماهوٽا، ڪيهر سميت ڀرپاسي جي 6 کان وڌيڪ گرلز ۽ بوائز هاءِ اسڪولن جا اوچتا دورا ڪيا.

Bookmark the permalink.