تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي آپگهات ڪيو: عدالتي ڪميشن

گهرو کاتي عدالتي ڪميشن جي رپورٽ وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي، پوليس جي ڪوتاهين جو به ذڪر

ڪراچي/ لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) عدالتي ڪميشن نمرتا چنداڻي جي موت کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو. رپورٽ وڏي وزير حوالي. وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ رپورٽ پڌري ڪئي ويندي. 17 صفحن تي مشتمل رپورٽ ۾ موت جو ڪارڻ خودڪشي ڄاڻايو ويو آهي. لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عدالتي جاچ دوران نمرتا جي والدين، يونيورسٽي انتظاميا، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي، يونيورسٽي جي شاگردياڻين، هاسٽل انتظاميا سميت 46 ڄڻن جا بيان رڪارڊ ڪيا، گهرو کاتي جي ذريعن دعويٰ ڪئي ته عدالتي جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نمرتا واقعو خودڪشي آهي، 17 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته گرلز هاسٽل جي سيڪيورٽي لاءِ سي سي ٽي وي ڪيميرائن سميت ڪي به انتظام نه هئا، جڏهن ته پوليس جي ڪوتاهي سبب ڪرائيم سين سميت مختلف ثابتيون ضايع ٿي ويون، هوڏانهن ذريعن موجب وڏي وزير مراد علي شاهه جي منظوري بعد عدالتي جاچ رپورٽ پڌري ڪرڻ ۽ انهي ڪيس ۾ غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي جا امڪان آهن.

Bookmark the permalink.