تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڊاڪٽر ماها جي قبر ڪشائي لاءِ ميرپورخاص جي عدالت ۾ ٻيهر درخواست

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)ڪراچي ۽ ميرپور خاص پوليس سيشن ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر ماھا شاھ جي قبرڪشائي لاءِ ٻيھر درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تي سيشن جج ٽيم جوڙڻ لاءِ درخواست لاڳاپيل جوڊيشل ميجسٽريٽ کي موڪلي ڇڏي آهي، ڪجھه ڏينھن اڳ ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ڊاڪٽر ماھا شاھ جو سندس گھر ۾ گولي لڳل لاش ھٿ آيو ھو، جنھن جي لاش کي ميرپورخاص ويجھو گرھوڙ شريف شھر جي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ھو، شروعاتي رپورٽ ۾ واقعو خودڪشي ڄاڻايو ويو هو، جڏھن ته قتل جا خدشا پيدا ٿيڻ بعد جاچ آفيسر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ قبرڪشائي جي درخواست داخل ڪرائي، قانوني ڪاغذ پورا نه ھئڻ سبب عدالت قبرڪشائي جي درخواست رد ڪري ڇڏي ھئي، جنھن بعد پوليس ٻيھر سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنھن بعد سيشن جج درخواست ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ لاڳاپيل ميجسٽريٽ سيڪنڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي جج علي مري کي اماڻي ڇڏي آهي، جنھن بعد ميجسٽريٽ جج ڪيس چالان پڙھڻ بعد فيصلو ٻڌائيندو، جنھن بعد مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم قبرڪشائي ڪندي.

Bookmark the permalink.