تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ڊاڪٽرن جي چوڻ تي نوازشريف پرڏيهه وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو: خواجا آصف

ڪراچي(نيوز ڊيسڪ) نواز ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته نوازشريف کي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، مريم نواز کي به پيءُ سان گڏ پرڏيهه وڃڻ گهرجي. نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته نوازشريف جي خواهش هئي ته سندس علاج هتي پاڪستان ۾ ئي ٿئي، پر ڊاڪٽرن جي چوڻ تي هو علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. هن چيو ته اڃا به نوازشريف کي فيصلو ڪرڻ آهي ته هو ڪٿان علاج ٿو ڪرائي. ان کانسواءِ اهو به طئي ناهي ٿيو ته نوازشريف جو علاج ڪهڙي ملڪ مان ڪرايو وڃي. مريم نواز جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي خواجا آصف چيو ته مريم نواز پيءُ کان پري رهندي ته پريشان ٿيندي، بهتر هوندو ته مريم نواز به پيءُ سان گڏ پرڏيهه وڃي، جنهن بعد نوازشريف به مطمئن هوندو. هن چيو ته ميان نوازشريف جي پرڏيهه وڃڻ سان پارٽي تي ڪو ناڪاري اثر نه پوندو.

Bookmark the permalink.