تازا ترين
  • *ملير ۾ الخدمت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق*
  • *ڪراچي: حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرز کي پگهارون نه مليون، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور*
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*

ڊالر 162 ۽ سون 96800 رپيا تولو ٿي ويا: پهريون ڀيرو اسٽاڪ ايڪسچينج 2 ڪلاڪ بند : اربين ٻڏي ويا

پيٽرول اگهه ۾ 15 رپيا لاٿ واري سرڪاري اعلان جي 24 ڪلاڪن اندر ڊالر 3 رپيا واڌ سان 162 رپين جو ٿي ويو

100 انڊيڪس ۾ ٻاڙائي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪاروبار 2 ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويو

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾بدترين ٻاڙائي،2 ڪلاڪ ڪاروبار بند، سيڙپڪارن جا اربين ٻڏي ويا، ڊالر 3 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 162 رپين جو ٿي ويو، سون به6000 رپين جي واڌ سان 96800 رپيا في تولو واري مٿانهين حد تي پهتو، ڪورونا وائرس جي روڪٿام ڪيل لاڪ ڊائون ملڪي معيشت کي ويهاري ڇڏيو آهي، جنهن جا اثر ڪالهه اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نظر آيا، 100 انڊيڪس ۾ ٻاڙائي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪاروبار 2 ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويو. 100 انڊيڪس 1270 پوائنٽس گھٽتائي بعد 27294 تائين پهچي ويو آهي، واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان ٻاڙائي رهي آهي، هڪ مهيني دوران 45 منٽن لاءِ ڪاروبار بند ٿيندو رهيو آهي پر مُلڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻن ڪلاڪن لاءِ ڪاروبار بند ڪيو ويو. هڪ پاسي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جي رجحان آهي ته ٻئي پاسي پيٽرول جي قيمتن ۾ 15 رپين جي گھٽتائي کانپوءِ رپئي جو قدر گھٽجي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊالر 3 رپيا واڌ سان 162 رپين جو ٿي ويو آهي. ان حوالي سان ناليواري معاشي ماهر قيصر بنگالي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاروبار بند هجڻ سبب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بدترين ٻاڙائي آئي آهي. معاشي معاملن کي بهتري طرف آڻڻ کان اڳ ڪورونا وائرس کي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ پهرين ترجيح هجڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته انساني جانين جو مسئلو اهم آهي. ان حوالي سان معاشي ماهر پروفيسر مشتاق ميراڻي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڊالر مهانگو ٿيڻ سان هر شيءَ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو، 100 انڊيڪس ۾ گھٽتائي اچڻ جو به سِڌو سنئون غريب ماڻهو تي ناڪاري اثر پوندو، هن چيو ته مُلڪ ۾ لاڪ ڊائون آهي، ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا جو واپار بيهجي ويو آهي، حڪومت ڊالر جي قيمت تي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگھي، اها ڪوشش ڪري مقامي مارڪيٽ کي ضابطي ۾ آڻي سگھي ٿي.

Bookmark the permalink.