تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڊائو جي شاگردن جي بک هڙتال سعيد غني جي خاطرين تي ختم

ڪراچي(اسٽافرپورٽر ) ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جي چئن کان جاري بُک هڙتال ڪيمپ تي صوبائي وزير سعيد غني ۽ صحت کاتي جو سيڪريٽري پهچي ويا، صوبائي وزير شاگردن کان 15 ڏينهن جي مهلت وٺي کين جوس پياري بُک هڙتال ختم ڪرائي. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته شاگردن جو مسئلو جائز آهي، اسان کي 15 ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي، سندن مسئلا حل ڪيا ويندا، جنهن تي شاگردن چيو ته سنڌ حڪومت هاسٽل کسڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ته ٻيهر بُک هڙتال ڪنداسين. واضح رهي ته شاگردن پاران يونيورسٽي جي هاسٽل کسڻ خلاف چئن ڏينهن کان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بُک هڙتال جاري هئي

Bookmark the permalink.