تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

ڊائريڪٽر فنانس اينٽي ڪرپشن وٽ پيش: 36 ڪروڙ رپيا هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) مهراڻ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس ۾36 ڪروڙ رپين جي گهپلي واري جاچ جي سلسلي ۾ ڊائريڪٽر فنانس اينٽي ڪرپشن اختيارين آڏو پيش، سکر ۽ خيرپور جي ٻن بئنڪن مان 36 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم غيرقانوني طور ڪڍرائي هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف، ڊائريڪٽر فنانس ۽ وائيس چانسلر جي 4 سالن تائين خاموشي اينٽي ڪرپشن اختيارين آڏو سواليه بڻجي وئي، جاچ ۾ بئنڪن جي مئنيجرن کي به شامل ڪرڻ جو فيصلو، هڪ ئي سيڪيورٽي ڪمپني کي الڳ ڪمپنيون ڏيکاري ادائيگيون ڪرڻ جو به انڪشاف. رپورٽ مطابق مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي خيرپور ڪئمپس ۾ 36 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جي گهپلي واري جاچ ۾ نيٺ يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر فنانس منير احمد شيخ اينٽي ڪرپشن اختيارين آڏو پيش ٿيو آهي. اينٽي ڪرپشن جي ذريعن موجب منير احمد شيخ کان سندس ملڪيتن بابت پڇاڻو ڪيو ويو جنهن تي هن اينٽي ڪرپشن اختيارين کي ٻڌايو ته سندس ڪا به لڪل ملڪيت موجود نه آهي. ذريعن موجب ڊي ايف کان اهو به پڇاڻو ڪيو ويو ته هو هيترا ڏينهن جاچ جي سلسلي ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ڇو نه آيو جنهن تي هن موقف اختيار ڪيو ته سندس طبعيت خراب هئي ان ڪري هو بيان ڏين لاءِ حاضر نه ٿيو جڏهن ته هن وقت به سندس طبعيت خراب آهي پر ان جي باوجود هو بيان ڏيڻ لاءِ حاضر ٿيو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي خيرپور ڪئمپس ۾ گهپلن واري جاچ اينٽي ڪرپشن کاتي جو ڊائريڪٽر انڪوائريز ٽو غلام مرتضيٰ ميمڻ ڪري رهيو آهي. اينٽي ڪرپشن کاتي جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته 36 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم سکر ۽ خيرپور جي ٻن بئنڪن جي ٽن الڳ الڳ اڪائونٽن مان ڪڍرائي وئي. خيرپور شهر جي مال روڊ واري هڪ بئنڪ برانچ ۾ خيرپور ڪئمپس جو اڪائونٽ جيتوڻيڪ ڪانٽيجنسي وارو هو پر ان مان به 5 ڪروڙ 7 لک رپين جي رقم مختلف وقتن تي ڪڍرائي هڙپ ڪئي وئي. ساڳئي برانچ جي هڪ ٻي اڪائونٽ مان 12 ڪروڙ رپين جي رقم ڪڍرائي وئي. اهڙي ريت سکر شهر جي هڪ بئنڪ برانچ مان 10 ڪروڙ 92 لک 67 هزار رپيا ڪڍرائي خرد برد ڪيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان معاملي جي جاچ ڪندڙ اينٽي ڪرپشن اختيارين پنهنجي ابتدائي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي جنهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس منير احمد شيخ ۽ وائيس چانسلر محمد اسلم عقيلي جي 4 سالن تائين خاموشي واري عمل تي سوال اٿاريا ويا آهن. اينٽي ڪرپشن کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڪائونٽن ۾ خرد برد وارو عمل 2016ع کان هلندڙ هو جڏهن ته فنانس جو ڪجهه رڪارڊ به غائب آهي جنهن بابت يونيورسٽي اختيارين موقف اختيار ڪيو آهي ته آفيس جي منتقلي جي ڪري اهو رڪارڊ ملي نه سگهيو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته رڪارڊ گم ٿيڻ جي باوجود ڪا انڪوائري به نه ڪرائي وئي جنهن ڪري اينٽي ڪرپشن اختيارين کي اهو شڪ آهي ته ڪٿي خرد برد واري معاملي ۾ خود يونيورسٽي جون اختياريون به ملوث نه هجن. هوڏانهن اينٽي ڪرپشن کاتي بئنڪن جي مئنيجرن کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي ته ايڏي وڏي رقم جي بنا ڪنهن اختياري جي منطوري جي ڪيئن ڪڍرائي وئي؟ ۽ ان بابت اختيارين کان پڇا ڳاڇا ڇو نه ڪئي وئي. اينٽي ڪرپشن کاتي جي ذريعن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته خيرپور ڪئمپس ۾ هڪ ئي سيڪيورٽي ڪمپني کي 2 الڳ الڳ ڪمپنيون ظاهر ڪري انهن کي به هڪ ئي اڪائونٽ ۾ رقمون جاري ڪيون ويون آهن. ڄاڻايل ڪرپشن ڪيس جي حوالي سان هڪ اڪائونٽ حيدرآباد جي آٽو ڀان روڊ تي هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو اڪائونٽ الزام هيٺ آيل هڪ آفيسر جي پيءُ جي نالي تي آهي جنهن ۾ پڻ وڏي رقم منتقل ڪئي وئي. مهراڻ يونيورسٽي جي ذريعن موجب ان معاملي کي رفع دفع ڪرڻ لاءِ ٻن موجوده آفيسرن ۽ هڪ اڳوڻي آفيسر جي ميٽنگ به ٿي هئي پر معاملو هڪ شخص تي مڙهڻ کانپوءِ وڌي ويو ۽ ان دوران آڊٽ جي هڪ آفيسر پنهنجي رپورٽ تيار ڪئي جنهن جي بنياد تي هاڻي اينٽي ڪرپشن اختياريون جاچ جو معاملو مهراڻ يونيورسٽي جي حد تائين وڌائڻ چاهين ٿيون. ان ئي رقم مان هڪ آڊٽ آفيسر کي 10 لک رپيا جاري ٿيڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.

Bookmark the permalink.