تازا ترين
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

ڇور: بجلي جا 10 پول ڪرڻ سبب 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي 24 ڪلاڪن کان بند، ڪاروهنوار ٺپ

ڇور (ن پ ا) عمرڪوٽ کان ڇور ايندڙ بجلي جي مين لائن جا 10 کان وڌيڪ پول طوفان سبب ڪري پيا جنهن ڪري ڇور، کوکراپار، جالو جو چونرٔو، انڙ آباد، اکيراج، مانڌل، ٽيڀري، فقير امين مڱريو، سڻوھي، نوھيون، حويلي، مھندري جو پار، ڀٽارو ۽ ٻين 50 کان وڌيڪ ڳوٺن توڙي ننڍن شھرن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان بجلي بند ٿي وئي، جنهن ڪري سخت گرمي سبب علائقي واسين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، ٻئي طرف بجلي نه ھئڻ ڪري گھرن ۽ مسجدن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي. اھڙي صورتحال سبب بجلي تي ھلندڙ سمورو ڪاروھنوار پڻ ٺپ ٿي ويو. ٻئي طرف علائقي واسين نور محمد، سروپ سنگهه، مھتاب، زاھد ۽ ٻين چيو ته عمرڪوٽ کان ڇور ايندڙ واپڊا جي مين لائن جا پول پراڻا ھجڻ ۽ زمين ۾ سڙي ختم ٿيڻ ڪري پولن جو ٽٽڻ روز جو معمول بڻيل آھي. معمولي ھوا سبب پول توڙي تارون ٽٽڻ ڪري سدائين اھا لائن خراب ھوندي آهي انهن چيو ته حيسڪو پاران اھا لائن مڪمل نئين لڳائي وڃي، ٻي صورت ۾ اسان شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري حيسڪو آفيس آڏو ڌرڻو ھڻنداسون. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او حيسڪو عمرڪوٽ ٻڌايو ته طوفان سبب مين لائن جا پول ڪري پيا آهن گذريل 20 ڪلاڪن کان اسان جا ماڻهو لائن ٺاهڻ ۾ لڳل آھن پر روڊ ڀرسان 4 کان 5 فٽ برساتي پاڻي بيهڻ سبب ڪم ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن تنهن ھوندي اسان ڪجهه ڪلاڪن ۾ لائن ٺاهي وٺنداسون.

Bookmark the permalink.