تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

43 ڏينهن اڳ سڳيون ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل معصوم نينگر کي ويڪسين نه ملي، نيٺ دم ڏئي ڇڏيو

ڇتي ڪتي معصوم نينگر احسان چنا کي گهر اندر ڏاڙهي زخمي ڪيو هو

گمبٽ (ن پ ا) 43 ڏينهن اڳ سڳيون ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل نينگر ويڪسين نه ملڻ ڪري تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو. ڇتي ڪتي گھر اندر نينگر احسان پٽ محمد ايوب چنا کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو هو، اينٽي ريبيز ويڪسين نه ملڻ ڪري معصوم جي حالت خراب ٿي وئي هئي. جيڪو اڄ فوت ٿي ويو. نينگر جي فوت ٿيڻ تي سندس گھر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.

Bookmark the permalink.