تازا ترين
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

ڇاڇرو ۽ ڀرپاسي چوپائي مال ۾ بيماريون پکڙيل، 50 کان مٿي ڍور مري ويا، مالوند پريشان

مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال کي پر اسرار بيماري لڳي وئي، هفتي اندر ڪيترائي وٿاڻ خالي ٿي ويا

هفتي کان تيز بخار،کلڪي جي بيماري ۽ تير جي ڪري وڏو نقصان ٿيو روزانو ڏھ کان 15 ٻڪريون مرن ٿيون: رهواسي

ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ۽ ڀرپاسي چوپائي مال ۾ بيماريون پکڙجي وئي آهي، جنهن ڪري 50 کان مٿي ڍور مري ويا آهن ۽ مالوند پريشان ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ ڇاڇري تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ پراسرار بيماري پکڙجي وئي، ،ڳوٺ بنگل رند، ڳوٺ مرزو رند، خان محمد سميت ڪيترن ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺن ۾ خطرناڪ وائرس ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا آهن، ڳوٺاڻن علي احمد رند، فيض محمد رند، هنسراج ۽ ٻين چيو ته هڪ هفتي کان تيز بخار،کلڪي جي بيماري ۽ تير جي ڪري اسان غريبن جو وڏو نقصان ٿيو آهي هر ڳوٺ ۾ روزانو جي بنياد تي ڏھ کان 15 ٻڪريون مري رهيو آهن تقريبن هر ڳوٺ ۾ اها حالت آهي، اسان لائيواسٽاڪ ڇاڇرو جي انتظاميا اڳيان دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر اڄ ڏينهن تائين نه ڪو ٽيم ويڪسين لاءِ پهتي آهي نه ئي ڪو به نوٽيس ورتو پيو وڃي، ٿر جي غريب مالوند ماروئڙن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي سفر گذر جو واحد ذريعو مال مويشي آهي جنهن بچائڻ لاءِ نوٽيس ورتو وڃي اسان جي بيمار پيل چوپائي مال جي ويڪسين ڪرائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.