تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

چڪ ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان ڌرين ۾ فائرنگ، گاهه ڪندڙ عورت زخمي

چڪ(ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ غازي ڪمالاڻي ۾ غازي ۽ صالح ڪمالاڻي جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڪارنهن مامري جي خوني تڪرار ۾ ڌرين پاران هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي ويئي ٻنهي ڌرين جي فائرنگ دوران شام جي وقت زمين ۾ گاھ ڪندڙ شر برادري جي عورت مسمات خيران زال قلب علي شر گولي لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيئي. زخمي عورت کي رستم پوليس علاج لاءِ شڪارپور اسپتال اماڻي ڇڏيو ٻئي طرف ايس ايچ او رستم غلام علي بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪمالاڻي ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار تان ٿيل فائرنگ ۾ ڳوٺ وريام شر واسي عورت مسمات خيران شر پنهنجي گهرن ٻاهران زخمي ۾ گاھ ڪرڻ دوران زخمي ٿي آھي وارث اچن ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.