تازا ترين
  • *ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارنهن مامري جو جرڳو: نينگري سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي فتويٰ، 11 لک ڏنڊ به مقرر: جرڳائي گرفتار، ڪيس داخل * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ بگرو باجڪاڻي ۾ احمد باجڪاڻي جي سرپئنچي هيٺ جرڳو ٿيو، مکڻو باجڪاڻي ڌر تي 11 لک ۽ سڱ چٽي جي فتويٰ * ڪنڌڪوٽ: پوليس جو ايڪشن، 6 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري جرڳو ڪندڙ سميت 3 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا *
  • *ڪراچي: شڪارپور جو ايس ايس پي محمد رضوان احمد سنڌ بدر: نوٽيفڪيشن جاري*
  • *عمرڪوٽ ۾ ٻڪري چوري جي ڪيس ۾ گرفتار 4 جوابدار بلاول مري، علي مري، ميگهراج ڀيل ۽ ڀنڀور اوڏ جيل حوالي*
  • *خيرپور: گمبٽ جي جوڙي مسمات هير ڌيءَ شاهنواز منگي ۽ نوجوان الطاف حسين ولد علي مراد منگي خيرپور ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي: تحفظ جي گهر*
  • *دادو: واهي پانڌي واقعي ڪاڇي جي مولوين کي خوف: شادي دوران نڪاح پڙهڻ کان انڪار بعد جوڙي جو دادو جي ڪينٽين ۾ نڪاح * دادو: ڳوٺ رحيم خان واسي جوڙي عليشبا ۽ ممتاز خاصخيلي کي دادو آندو ويو * دادو: جڊيشل ڪامپليڪس دادو جي ڪينٽين ۾ سرڪاري مولوي نڪاح پڙهايو *
  • *دادو: ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺاڻي جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا: هڪ – هڪ لک رُپيا ڏنڊ * دادو: ڳوٺاڻي صدام حسين کي گهر ۾ گهڙڻ بعد سڌا فائر ڪري قتل ڪيو ويو هو *
  • *خيرپور: سوڀوديرو ۾ سرعام قتل ٿيل ڊاڪٽر جي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو: 5 ڏوهارين کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا * خيرپور: ڊاڪٽر منظور علي ميمڻ کي سال 2011ع ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو * خيرپور: خيرپور جي ماڊل ڪورٽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ به قيد جي سزا ٻڌائي *
  • *لاڙڪاڻو ۾ وڪيل جي قتل ڪيس جو ٻن سالن کانپوءِ فيصلو: 3 ڏوهارين کي عمر قيد جي سزا: هڪ جوابدار آجو قرار * لاڙڪاڻو: وڪيل نياز حسين کهاوڙ کي 2017ع ۾ اسڪول گهرائي قتل ڪيو ويو هو * لاڙڪاڻو: ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ٽنهي ڏوهارين کي 2-2 لک رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي *
  • گل شمع سنگسار وارو ڊرامو تيل ڪمپني کان مراعتون حاصل ڪرڻ جي جنگ آهي: ذريعا*بااثر پاڻ کي ڪمپني جي مراعتن جو وڌيڪ حقدار ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، ان لاءِ جهيڙا به هلندڙ آهن: علائقي واسي*علائقي ۾ ڪاروباري مفاد رکندڙ هڪ صحافي به سرگرم رهيو، آءِ جي آفيس مقامي پوليس کان ڪيس داخل ڪرايو*
  • نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر*اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ ٻڌڻي ڪندي*
  • ڀارت ۾ زيادتي کانپوءِ ساڙيل ڇوڪري زندگي جي جنگ هارائي وئي*

چڪ لڳ پسند جي پرڻي واري معاملي جو جرڳو، جوڙو ڪارو قرار، الزام هيٺ آيل شخص تي 15 لک رپيا ڏنڊ، ڳوٺ اچڻ تي پابندي

ڪامريڊ وحيد سومرو جي ڀاءُ کي وڏيري جي اوطاق تي گهرائي فتويٰ ٻڌائي وئي

ٻيون ڀيرو جرڳو ڪيو ويو آهي، مونکي گهرواري ۽ ٻن ٻارن سوڌو خطرو آهي: وحيد سومرو

چڪ(ن پ ا) چڪ لڳ پسند جي پرڻي واري معاملي جو جرڳو، جوڙو ڪارو قرار، الزام هيٺ آيل قومپرست اڳواڻ تي 15 لک رپيا ڏنڊ، هڪ سال لاءِ ڳوٺ اچڻ تي پابندي. محمود آباغ شھر واسي قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ عبدالوحيد سومرو ۽ سماجي ڪارڪن ناري افصيٰ سومرو جي پسند جي شادي واري معاملي جو جرڳو ڪيو ويو، جنهن دوران پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي ڪارو قرار ڏئي ڪامريڊ وحيد سومرو مٿان 15 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. سندس وڏي ڀاءُ سخي سومرو کي وڏيري جي اوطاق تي سڏائي فتوى ٻڌائڻ بعد پابند ڪيو ويو ته هڪ مهيني اندر ڏنڊ واري رقم ادا ڪئي وڃي ۽ ھڪ سال تائين سندس ڀاءُ خاندان سميت علائقي ۾ نه ايندو. الزام هيٺ آيل ڪامريڊ عبدالوحيد سومرو فون تي ميڊيا سان رابطو ڪري ٻڌايو ته سندس زندگي کي خطرو آھي. بااثر وڏيرن فيصلو ڪري ظلم ڪيو آھي. هنن اڳ به اهڙي فتوى جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ 20 لک رپيا ڏنڊ ۽ سڱ چٽي مقرر ڪيو ويو هو، هڪ ڀيرو جرڳو ڪري ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، منهنجي گهرواري ۽ ٻن معصوم پٽن آزاد ۽ سنڌيار جون زندگيون خطري ۾ آھن. نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.