تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

چڪ جي واحد شهيد بينظير ڀٽو لائبريري لاوارث بڻيل: سوين ڪتاب ۽ تصويرون چوري

عثمان سيٺار جي وفات کانپوءِ نئون انچارج مقرر نه ٿيو، لائبريري لاوارثي جو شڪار

سارسنڀال نه هئڻ سبب ماڻهو شيشا ڀڃي تاريخي تصويرون ۽ سوين ڪتاب چوري ڪري ويا

چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ شهر جي واحد لائبريري انتظامي بي ڌياني سبب اجڙي وئي، سوين ڪتاب چوري، ٻنهي پاسن کان حددخليون. ان سلسلي ۾ چڪ جي واحد شهيد بينظير ڀٽو لائبريري انتظامي لاپراوهي سبب شهر جي نوجوانن لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. لائبريري انچارج مقرر نه هئڻ سبب هيستائين سون جي تعداد ۾ ڪتاب چوري ٿي چڪا آهن، لائبريري ۾ باقي گهٽ ڪتاب وڃي بچيا آهن. جڏهن ته اخبارون نه هئڻ برابر آهن، جنهن سبب نوجوان مطالعي کان محروم ٿي رهيا آهن. علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ ماڻهن لائبريري وڃڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته لائبريري انچارج محمد عثمان سيٺار جي وفات کان پوءِ نئون انچارج مقرر ناهي ڪيو، جنهن سبب لائبريري لاوارثي جو شڪار آهي. لائبريري جي رکوالي نه هئڻ ڪري ماڻهو شيشا ڀڃي تاريخي تصويرون ۽ ڪيترائي تاريخي ۽ ادبي ڪتاب چوري ڪيا ويا آهن، اهڙي صورتحال سبب ادبي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي، ٻئي طرف ماضي ۾ مختلف ادبي ۽ سياسي تنظيمن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت شاهه عبدالطيف لائبريري قائم ڪئي هئي اها به زبون ٿي تباهه ٿي وئي آهي. اتان سڄاڻ ڌرين سوين ڪتاب کڻي امانت طور شهيد بينظير لائبريري ۾ رکيا پر هاڻ اها به غير فعال ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي لائبريري اڳيان ۽ ڀرپاسي ۾ حددخليون به وڌي ويون آهن، شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن غلام قادر مهر، استاد راهي، فقير جاويد شيخ، سرڪش مهر، گلزيب، ارسلان جماڻي، ڪاظم سيٺار ۽ ٻين ڊي سي سي شڪارپور کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر جي واحد شهيد بينظير ڀٽو لائبريري جي مرمت ڪرائي پڙهندڙن لاءِ سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن نوجوان نسل هوٽلن تي ويهڻ بدران لائبريري مان لاڀ حاصل ڪري سگهي.

Bookmark the permalink.