تازا ترين
  • *ٺٽو: مڪلي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو، نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي*
  • *سکر پوليس پاران همايون مان اغوا ڪيل نينگر شيراز چنا کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، جوابدار مشتاق شاهه گرفتار*
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

چيني قونصلخاني تي حملي جو ڪيس بند نه ڪرڻ جو فيصلو: 5 سهولتڪار جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

هيڏي وڏي واقعي کي اي ڪلاس ڇو ڪريون؟ سي ٽي ڊي کي ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم

جيڪڏهن جوابدار گرفتار ناهن ٿيا ته ڇا ڪيس اي ڪلاس ڪري ڇڏيون؟ عدالت جي جاچ آفيسر کي ڇنڊ
چيني قونصلخاني تي حملي جا 5 سهولتڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيني قونصل خاني تي حملي وارو ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڪندي سي ٽي ڊي کي جاچ جاري رکندي ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، هڪ ٻي عدالت حملي جي مبينا 5 سهولتڪارن کي 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي حوالي حوالي ڪري ڇڏيو.پوليس چيني قونصل خاني جي مبينا 5 سهولتڪارن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي منتظم جج آڏو پيش ڪيو، جن ۾ احمد حسنين، نادر خان عرف عارف بليدي، علي احمد، عبدالطيف ۽ اسلم شامل آهن.عدالت دير سان اچڻ تي پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته جوابدارن کي پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان کي مارڪٽ ڪئي وئي آهي ۽ اوهان کي گهرڀاتين سان ڳالهرايو ويو آهي؟ جوابدارن جواب ڏنو ته نه اڃا تائين گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته جوابدارن جي گهروارن جا نمبر وٺي کين ڳالهرايو وڃي.پوليس عدالت کي جوابدارن جو 14 ڏينهن جو ريمانڊ منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ٿوري ئي دير بعد ٻڌائيندي پوليس جي استدعا رد ڪئي وئي ۽ عدالت جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.پوليس موجب جوابدارن جو ريمانڊ غيرقانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ وارن ڪيسن ۾ حاصل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گذريل ڏينهن تيسر ٽائون ويجهو بلوچ ڳوٺ جي خالي پيل پلاٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.