تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي گهرائڻ لاءِ مون کان اجازت وٺو: وزيراعليٰ وزيراعظم کي خط لکندو

سنڌ حوالي ٿيل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي وڏي وزير جي اجازت بنا بار بار اسلام آباد سڏايو وڃي ٿو

اصولي طور وفاقي سرڪار کي گھرجي ته لاڳاپيل آفيسرن کي صوبائي چيف ايگزيڪيوٽو معرفت ئي گھرائي

ڪراچي: صوبائي پبلڪ سيفٽي ڪميشن پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه کي سفارش ڪئي آهي ته هو وزيراعظم کي هڪ خط لکي ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سميت صوبي جي ڪنهن به اعليٰ آفيسر کي وزيراعليٰ جي اجازت بنا نه گھرائي. اجلاس ۾ چيو ويو ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سميت لاڳاپيل عملدارن جون خدمتون سنڌ حوالي ٿيل آهن، وڏي وزير جي اجازت بنا انهن کي بار بار اسلام آباد گھرايو وڃي ٿو، اصولي طور وفاقي سرڪار کي گھرجي ته لاڳاپيل آفيسرن کي صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي معرفت ئي گھرائي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته چيف سيڪريٽري کي اسلام آباد سڏائڻ بعد کيس ٻين اجلاسن جو چئي اتي ئي رهڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن چيف سيڪريٽري اسلام آباد مان ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي ٿو ته وري ميسيج اچي وڃي ٿو ته اوهان واپس اسلام آباد پهچو.

Bookmark the permalink.