تازا ترين
  • *جيڪب آباد: 8 سال اڳ اغوا ڪيس ۾ 5 سال سزا ٻڌايل جوابدار زبير جکراڻي ضمانت لاءِ عدالت پهتو *عدالت ضمانت جي درخواست رد ڪندي جوابدار زبير جکراڻي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *جوابدار زبير جکراڻي سميت ٽن جوابدارن خلاف جيڪب آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو *عدالت 6 اپريل 2012 تي جوابدار زبير جکراڻي سميت ٻن کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي*
  • *صدر جي ڀٽيون ويجهو شادي شده عورت کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش *ڳوٺ مور جهٻر واسڻ ناهيدان شيخ کي جوابدارن پاران مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي *مڙس جي غير موجودگي ۾ نثار، هدايت ۽ شمن شيخ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: ناهيدان شيخ*
  • *نيب شهباز شريف خلاف صاف پاڻي ڪمپني انڪوائري بند نه ڪئي آهي: نيب ترجمان *نيب شهباز شريف جي بدعنوانين خلاف ثبوتن جي بيناد تي ريفرنس داخل ڪيا: ترجمان *نيب ڪيسن ۾ رنڊڪون پيدا ڪندڙن کي مشورو آهي ته اهي عدالتي فيصلن جو انتظار ڪن: ترجمان*
  • *االعزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس، نواز شريف جي لنڊن واري رهائشگاهه ٻاهران طلبي جا اشتهار لڳايا ويندا *رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو *طلبي جا اشتهار نواز شريف جي رهائشگاهه ٻاهران چورنگي تي لڳايا وڃن: خط *اشتهار پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران رهائشگاهه ٻاهران لڳايا وڃن: خط*
  • *لاڙڪاڻي ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻيل اي ايس آءِ اصغر مغيري جو يوٽرن *اصغر مغيري رٽائرمينٽ واري درخواست واپس وٺڻ بعد ڊيوٽي شروع ڪري ڇڏي *رٽائرمينٽ واري درخواست منظور نه ٿيڻ سبب ڊيوٽي شروع ڪئي آهي: اصغر مغيري *اصغر مغيري پاران رٽائرمينٽ بابت ڪا به درخواست ناهي ملي: ايس ايس پي جو پي آر او*
  • *هالاڻي ۾ هاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق *هاءِ اسڪول ھالاڻي جي110 شاگردن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان ٻن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڳوٺ الهڏنو جوڳي واسي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق بعد گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو*
  • *ٺل ويجهو مقتول احمد نوناري جي قتل خلاف هنيل ڌرڻي دوران چڪريون، 3 اهلڪار زخمي* ٺل: مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل *ٺل: پوليس جي مقتول احمد نوناري ۽ سعيد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل 2جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *جوابدار عظمت گهڃو ۽ محمد بخش کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس *
  • * لاهور: احتساب عدالت ۾ رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *حمزه شهباز اوهان کي ڪورونا وائرس آهي؟: عدالت جو سوال *جي ها مونکي ڪورونا وائرس هو، هاڻي طبيعت بهتر آهي: حمزه شهباز جو جواب *عدالت وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي*
  • * سپريم ڪورٽ ۾ 25 هين آئيني ترميم خلاف درخواست تي ٻڌڻي *وفاق ۽ ڪي پي حڪومت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض واري ڇڏيا *درخواستگذار کي پهرين درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل ڏيڻا پوندا: ايڊيشنل اٽارني جنرل *آرٽيڪل 17 تحت سياسي حق ۽ بينادي حقن ۾ شمار ٿين ٿا: سپريم ڪورٽ *قبائلي علائقا پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿين، انهن جون قربانيون آهن: عدالت*
  • *بلدياتي چونڊن ۾ آزاد اميدوارن کي مخصوس سيٽون نه ڏيڻ وارو معاملو *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ذوالفقار مرزا جي درخواست تي ٻڌڻي *بدين اتحاد، 2015ع ۾آزاد حيثيت سان 4يوسيز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي: درخواستگذر جو وڪيل *مخصوس سيٽون نه ڏيڻ سان يوسيز چونڊيل نمائندن بدران بيوروڪريٽس هلائين پيا: وڪيل *ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اهو مسئلو ٻيهر سامهون ايندو: وڪيل *عدالت فوري ٻڌڻي لاءِ درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *عدالت ڌرين کي 18نومبر تائين جواب ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي *قانون موجب مخصوص سيٽون رڳو سياسي جماعت کي کي ڏئي سگهجن ٿيون: اليڪشن ڪميشن *
  • *مدئجي ۾ گذريل ڏينهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو *مقتول صديق جلباڻي جي وارثن جلباڻي لاڙي وٽ لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون* پوليس صديق کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، هڪ نوجوان کي به گم ڪيو ويو آهي: وارث*
  • *لاڙڪاڻو: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران چانڊڪا اسپتال جو دورو *لاڙڪاڻو: سيشن جج اقبال حسين ميتلو کي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي پاران بريفنگ ڏني وئي *65بسترن واري ايڇ ڊي يو وارڊ ۾ پوسٽ ڪورونا مريضن لاءِ انتظام ڪيل آهن: ايم ايس چانڊڪا اسپتال *چانڊڪا اسپتال ۾ جديد سهولتون اطمينان بخش آهن، هڙتالون يا مظاهرا نه ٿيڻ گهرجن، سيشن جج *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس جي ٻڌڻي *نيب احسن اقبال خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي *نيب جي جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *پري ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ ريفرنس پيش ڪيو هو، اڃا منظوري رهيل آهي: جاچ آفيسر*
  • *حيدرآباد ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ، 24ڪلاڪن دوران 29نوان ڪيس ظاهر *حيدرآباد جي شهري تعلقي ۾ 6،لطيف آباد ۾11۽ قاسم آباد ۾ 12 نوان ڪيس ظاهر *221 ڄڻا گهرن ۾ آئيسوليٽ،7 ڄڻا سول اسپتال ۽ 5 ڄڻا ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل*

چوٽياريون لڳ ڳوٺ ڊڀري بنيادي سهولتن کان محروم، علائقي واسي سخت پريشان

چوٽياريون (ن پ ا) سانگھڙ کان تقريبن 30ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ۽ چوٽياريون کان 5 ڪلوميٽر اتر طرف واقع ڳوٺ ڊڀري جيڪو اندازن ڏھ ھزار کان وڌيڪ گھرن جي آبادي تي مشتمل آھي ھي علائقو اڇڙي ٿر ۾ شامل آھي پر ڳوٺ ڊڀري ھر سھولت کان وانجھيل آھي علائقي واسين سليمان، انور، اسماعيل راڄڙ، غلام نبي سولنگي، آچر راڄڙ، عالم راڄڙ، اسد سميت ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ سميت ھر بنيادي سھولت کان محروم آھي. ھن ڳوٺ ۾ تعليم جي حوالي سان ڪُل ملائي تقريبن چار کان پنج گورنمينٽ طرفان قائم ڪيل پرائمري جا اسڪول آھن جنهن مان صرف ٻه يا ٽي اسڪول کليل آھن پر انهن ۾ نه ته ڪو سرڪاري سطح تي استاد مقرر ٿيل آھي ۽ نه ئي وري انهن اسڪولن جون بلڊنگون ۽ فرنيچر سلامت آھن. انهن اسڪولن ۾ اين سي ايچ ڊي طرفان مقرر ڪيل استاد ۽ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول ھلائن ٿا، انهن اسڪولن ۾ پڙھندڙ ٻار ھيٺ رليون وڇائي تعليم حاصل ڪن ٿا. ھنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ڇوڪرين جي تعليم جي ته اھي ته مشڪل سان پنجون درجو پاس ڪري ٿيون سگھن ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي لاءِ ھاءِ اسڪول جي سھولت نه ھجڻ جي ڪري ويچاريون نياڻيون تعليم جھڙي زيور کان محروم ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن صحت جي ڳالهه ڪجي ھن ڳوٺ ۾ ڪابه سرڪاري يا غير سرڪاري اسپتال موجود نه آھي ٻه لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ھن ڳوٺ ۾ اگر ڪو ايمرجنسي ۾ بيمار ٿي وڃي ٿو ته ھن کي پنج ڪلوميٽر پري بيسڪ ھيلٿ يونٽ چوٽياريون کڻي وڃڻو پوي ٿو، جٿي ڪا به سھولت موجود نه آھي شام جو 2 وڳي کان پوءِ اتي ڪوبه ڊاڪٽر نه ملندو جنهن کان پوءِ 25 ڪلوميٽر پري سانگھڙ وڃڻو پوي يا وري پندرنهن ڪلو ميٽر پري ٽنڊو مٺا خان وڃڻو پوي اتي پھچندي پھچندي مريض فوت ٿيو وڃن. ھن ڳوٺ کان چوٽياريون ويندڙ روڊ ۽ پل پڻ انگريزن جي زماني جو ٺھيل آھي جيڪو ھنڌان ھنڌان ٽٽي پيو آھي، جنهن سبب حادثو معمول بڻيل آهن. هنن چونڊيل نمائندن، ڊي سي سانگھڙ، وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ڪئي ته اسان جي ڳوٺ کي بنيادي سهولتون ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.