تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

چونڊ ڪاميٽي جو اجلاس، ساس جي چونڊ 11 آڪٽوبر تي ڪرائڻ جو فيصلو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي چونڊ ڪاميٽي جو اجلاس، ساس جي چونڊ 11 آڪٽوبر تي ڪرائڻ جو فيصلو. رپورٽ موجب سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي چونڊن جي حوالي سان مرڪزي چونڊ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين ايڊووڪيٽ سليمان ڏاھري جي صدارت ۾ ٿيو جنھن ۾ مرڪزي چونڊ ڪاميٽي جي سيڪريٽري پارس حميد ۽ ميمبر زيب نظاماڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي چونڊ بابت غور ويچار ڪيو ويو ۽ ڄاڻايو ويو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جون مرڪزي چونڊون ايندڙ مهيني 11 آڪٽوبر 2020ع تي ٿينديون. چونڊن دوران ايس او پيز جو مڪمل طور خيال رکيو ويندو.

Bookmark the permalink.