تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

چونڊيل نمائندا مسئلن جا ذميوار آهن: شهري/سماجي اڳواڻ

ضلعي ۾ تعليم، صحت جو نظام ڪرپشن ٿيڻ ڪري تباهه ٿي ويو آهي

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ضلعي جي رهواسين، سماجي اڳواڻن سمورن مسئلن جو ذميوار علائقي جي چونڊيل نمائندن کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي اخبار سان ويچار ونڊيندي فلاحي تنظيم جي اڳواڻ پپو بلوچ، شهرين شھزاد بوزدار، طارق پٺاڻ، ضياءَ عباسي، سنتوش ڪمار چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعو چونڊيل نمائندن جي نااهلي هئڻ ڪري مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ضلعي ۾ تعليم، صحت جو نظام ڪرپشن ٿيڻ ڪري تباهه ٿي ويو آهي، ڪيترائي اسڪول بند آهن، صحت کاتي جي نااهلي جي ڪري سول اسپتال جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، اسپتال انتظاميا ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. ٽنڊو محمد خان واسي فياض ڀٽي چيو ته ميونسپل انتظاميا جي ڪارڪردگي بهتر نه هئڻ ڪري شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، صفائي جا انتظام ناڪارا آهن، عوام جي تفريح لاءِ مير غلام علي پارڪ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، جهولا، واڪ لاءِ ڦٽ پاٽ به زبون حالي جو شڪار آهي جڏهن ته پارڪ ۾ موجود ووڻن جي به پڻ هر مهيني غيرقانوني واڍي ڪري وڻ وڪرو ڪيا پيا وڃن. سياسي سماجي اڳواڻ ڪامريڊ اسماعيل وساڻ ٻڌايو ته ٽنڊو محمد خان ضلعو چونڊيل نمائندن جي ڪيل ڪرپشن سبب تباهه حالي جو شڪار آهي، مسلسل پيپلز پارٽي جا نمائندا ئي ڪامياب ٿيندا رهيا آهن، ٽنڊو محمد خان ۾ مخالف ڌر جو وجود ئي نه آهي انڪري چونڊيل نمائندا ڪارڪردگي تي ڌيان نه ٿا ڏين.

Bookmark the permalink.