تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

چونڊيل نمائندا آهيو ته احتجاج ۾ شامل ٿيو: جروار ۾ شهرين علي گوهر مهر کي روڪي ورتو

جروار (ن پ ا) جروار اسپتال جي بحالي لاءِ 25ھين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي وئي، شھرين پاران لڳل بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳيان تڪ جي ايم پي اي جو گذر، بک هڙتال تي ويٺلن ايم پي اي جي گاڏي روڪي ورتي، شھرين ايم پي اي علي گوهر خان مهر کي چيو ته توهان تڪ جا نمائنده آھيو، اسان کي 25 ڏينهن ٿي ويا آھن احتجاج ڪندي، اوهان کي احتجاج نظر نه پيو اچي، جواب ۾ گاڏي اندر ويهي ايم پي اي علي گوهر مهر چيو ته اسان سنڌ ۾ مخالف پارٽي جا ايم پي اي آھيون، ڪير ٻڌي نه ٿو، سيڪريٽري سنڌ توڙي ڊي سي گهوٽڪي اسان جي ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھن، انهن آفيسرن کي اسان سان ڳالهائڻ لاءِ روڪيو ويو آھي، اسان بيوس آھيون ڇا ٿا ڪري سگهون، ايم پي اي جي اهڙي جواب تي شھرين چيو ته پوءِ توهان گاڏي مان لهي اسان سان گڏ بک هڙتال تي ويهو، موٽي اچڻ جو چئي هليو ويندڙ ايم پي اي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي شريڪ ٿيو، جڏهن ته اسپتال بحالي ڪاميٽي طرفان 20 نومبر تي ڊي سي گهوٽڪي آفيساڳيان ڌرڻو جو اعلان ڪيو ويو آهي. اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 20 نومبر تي هزارين علائقي واسين سان گڏجي ڊي سي گهوٽڪي آڏو ڌرڻو هڻنداسين.

Bookmark the permalink.